گڏيل قومن جي اھتمام ھيٺ قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ 30 جون تي افغانستان جي مسئلي تي ھڪ اھم اجلاس منعقد ٿي رھيو آھي.ٻن ڏينھن واري ھن اجلا س ۾ طالبان ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪن جي ايلچي شرڪت ڪندا،اجلاس ۾ عورتن جي نمائندگيءَ نھ ھئڻ تي انساني حقن جا گروپس پاران اجلاس تي تنقيد پڻ ٿي رھي آھي.طالبان جي پرڏيھي وزير اميرخان متقي جو چوڻ آھي تھ اسان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا آھن ۽ اسان اولھھ جي ملڪن ۽ آمريڪي حڪومت سان به هاڪاري ۽ خوشگوار لاڳاپن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.ھي ”دوحا پروسس“ نالي اجلاس جو ٽيون سيشن هوندو، جنهن ۾ بنياد پرست افغان حڪمران پهريون ڀيرو شرڪت ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن.اٽڪل ٽي سال اڳ طالبان افغانستان ۾ اقتدار ۾ واپس آيا آھن ۽ ڪابل ۾ پنهنجي اھڙي حڪومت قائم ڪئي، جنهن ۾ عورتن کي نمائندگي مج ڏني وئي آھي.حڪومت کي اسلامي امارت جو نالو ڏنو ويو آھي.پر ٽي سال گذرڻ باوجود عالمي برادري طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو آهي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هڪ سال اڳ دوحا عمل شروع ڪيو ھو،جيئن طالبان بابت ھڪ گڏيل عالمي راءِ جوڙي سگھجي.طالبان افغانستان ۾ نياڻين جي پنجين ڪلاس کان مٿي تعليم تي بندش وجھي ڇڏي آھي ۽ عورتن جي سرڪاري ادارن ۾ ملازمت تي پڻ پابندي لاڳوآھي.
گوتريس مئي 2023 ۾ پهرين دوحا ڪانفرنس ۾ ڊي فيڪٽو افغان حڪمرانن کي دعوت نه ڏني ھئي ۽ افغان سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن گذريل فيبروري ۾ ٻي دوحا ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو.گڏيل قومن جي عملدارن تڏھن واعدو ڪيو ھو تھ ايندڙ اجلاس ۾ اٽڪل 25 ملڪن جا خاص ايلچي،عورتن ۽نياڻين جي حقن تي پابندين سميت ٻين انساني حقن جي مسئلن کي کنيو ويندو.
افغاستان جي طالبان حڪومت عالمي برادري جي ڪھڙين تجويزن ۽ ڳالھين کي مثبت موٽ ڏئي ٿي،ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو آھي.گڏيل قومن ۽ عالمي برادري پاران ڪوششون جاري آھن،پر ھن وقت جي افغانستان جي صورتحال سبب عام ماڻھو وڌيڪ ڀوڳي رھيو آھي.