افغانستان جي راشد خان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

ڪنگز ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ٽيم جي ڪپتان راشد خان نئين تاريخ رقم ڪندي تيز ترين ڏيڍ سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر بڻجي ويو .
راشد خان سئو کان گهٽ ميچن ۾ 150 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي، هن 92 ميچن ۾ 150 شڪار ڪيا آهن.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ٽِم سائوٿي 118 ميچن ۾ 150 وڪيٽن ورتيون هيون.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز جي تاريخ ۾ هنيئر تائين رڳو ٻن ڪرڪيٽرز 150 کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، 129 ميچون کيڏندڙ شڪيب الحسن کي اِهو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ هڪ وڪيٽ گهربل آهي.

T20Worldcup2024 RashidKhan AfghanistanCricketTeam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.