افغانستان جي ڪاميابي سنيل شيٽي کي به خوش ڪري ڇڏيو

ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سيمي فائنل ۾ پهچندڙ افغانستان ٽيم جي خوشي ۾ ڀارتي اداڪار سنيل شيٽي به خوش ٿي ويو.
افغان ٽيم جي ڪاميابي تي ملڪ جي ننڍن وڏهن شهرن ۾ جشن جو سمان جو، اهڙي ۾ بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي به افغان ڪرڪيٽرز جي خوشي ۾ خوش ٿي ويو.
اداڪار مئچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آل رائونڊر راشد خان جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، گڏوگڏ لکيو ته افغانستان ڇا ته شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
بالي ووڊ اداڪار افغان ٽيم کي شاندار قرار ڏيندي چيو ته هڪ شاندار ٽيم ۽ هڪ خوبصورت ملڪ اهڙي ڪاميابي جو سڀ کان گهڻو مستحق هو، ڪابل ۾ به اڄ اهڙو جشن ملهايو پيو جهڙو جشن سڄي دنيا ملهائيندي آهي.
ياد رهي ته اڄ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم مئچ ۾ سنسني خيز مقابلي بعد افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت 8 رنسن تان شڪست ڏئي آسٽريليا جهڙي مضبوط ٽيم کي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.
Bollywood SunilShetty T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.