ڪنگز ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ٽيم جي ڪپتان راشد خان نئين تاريخ رقم ڪندي تيز ترين ڏيڍ سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر بڻجي ويو .
راشد خان سئو کان گهٽ ميچن ۾ 150 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي، هن 92 ميچن ۾ 150 شڪار ڪيا آهن.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ٽِم سائوٿي 118 ميچن ۾ 150 وڪيٽن ورتيون هيون.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز جي تاريخ ۾ هنيئر تائين رڳو ٻن ڪرڪيٽرز 150 کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، 129 ميچون کيڏندڙ شڪيب الحسن کي اِهو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ هڪ وڪيٽ گهربل آهي.
T20Worldcup2024 RashidKhan AfghanistanCricketTeam