پاڪستاني لوڪ فنڪار عارف لوهار جو مشهور گانو ”آ تينون موج ڪراوان“ فيفا جي دنيا ۾ به ٿرٿلو مچائيندي فٽ بال اسٽار ليونل ميسي جي سالگرهه کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
عارف لوهار ۽ فيفا ورلڊ گڏيل سرخين جو حصو بڻجي رهيو آهي، جنهن جو سبب فيفا جي آفيشل پيج تي جاري ٿيل وڊيو ۾ عارف لوهار جو وائرل گانو لڳائڻ آهي.
فيفا پنهنجي انسٽاگرام تي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي جي 37 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ هن جا ورلڊ ڪپ کيڏندي مختلف وڊيو ڪلپ شيئر ڪيا ويا.
جتي اها وڊيو ميسي جي مداحن لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، اتي وري پاڪستان سان لاڳاپيل فٽبال ۽ عارف لوهار جا فينر به خوش نظر اچي رهيا آهن.
اصل ۾ انهي وڊيو ۾ عارف لوهار جو هاڻي جو سڀ کان مشهور گانو ”آ تينون موج ڪراوان“ لڳايو ويو، جنهن وڊيو کي وڌيڪ دلچسپ ۽ شاندار بڻائي ڇڏيو.
انهي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ به اردو ٻولي جو استعمال ڪندي ”ميسي جو جادو“ لکيو ويو آهي.
Pakistan ArifLohar LionelMessi