ڪنگز ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ترين ميچ ۾ افغانستان بنگلاديش کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت 8 رنسن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
سپر ايٽ مرحلي جي گروپ ون ۾ شامل افغانستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون.
افغانستان جي اننگز ختم ٿيندي ئي برسات سبب ميچ ڪجهه دير لاءِ روڪي وئي هئي.
برسات سبب متاثر ميچ کي 19 اوورن تائين محدود ڪيو ويو ۽ بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 114 رنسن جو هدف مليو ، جڏهن ته بنگال ٽائيگرز کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ڄاڻايل هدف 12.1 اوور ۾ حاصل ڪرڻو هو.
بنگلاديشي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي 18 هين اوور ۾ 105 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگلاديش طرفان لٽن داس ڪامياب ترين بيٽر ثابت ٿيو جنهن افغان بالرن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 49 بالن تي 54 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، پر هو ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو.
بنگلاديش جا اٺ رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، سوميا سرڪار10 ۽ توحيد هردوئي 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
افغانستان جي نوين الحق ۽ راشد خان چار، چار شڪار ڪيا جڏهن ته فضل الحق فاروق ۽ گُلبدين نائب هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بالنگ تي نوين الحق کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 جو پهريون سيمي فائنل 27 جون تي کيڏيو ويندو.
T20Worldcup2024 AFGvsBAN SuperEight