گيانا ( ويب ڊيسڪ ) گيانا ۾ برسات جي اڳڪٿي سبب ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ميچ متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
گيانا ۾ 27 جون جي صبح کان شام چئن وڳي تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ سي سي طرفان شيڊيولڊ سيمي فائنل لاءِ ريزرو ڊي به ناهي رکيو ويو.
سيمي فائنل ميچ لاءِ 250 منٽن جو اضافو وقت هوندو ۽ واش آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارت فائنل ۾ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو، ڀارت کي سپر ايٽ گروپ ون ۾ پهرين پوزيشن جي بنياد تي فائنل جو حقدار قرار ڏنو ويندو.
آءِ سي سي ڀارتي مارڪيٽ سبب ڀارت جو سيمي فائنل گيانا ۾ رکيو هو، گيانا ۾ ميچ جو آفيشل مقامي وقت صبح ساڍي ڏهين وڳي کان منجهند هڪ لڳي 40 منٽ آهي، برسات سبب اضافو وقت دوران ميچ پنج لڳي 50 منٽن تائين جاري رهي سگهي ٿي.
ڀارت جيڪڏهن ڪا ٻي ٽيم گروپ ون ۾ ٽاپ ڪري ها ته ٽرينڊاڊ ۾ سيمي فائنل کيڏي ها، ٽرينڊاڊ ۾ شيڊيول سيمي فائنل لاءِ ريزرو ڊي موجود آهي.
ٽرينڊاڊ جي سيمي فائنل لاءِ شيڊيولڊ ميچ ۾ 60 منٽن جو اضافي وقت هوندو، ريزرو ڊي ۾ رڳو 190 منٽن جو وقت رکيو ويو آهي ۽ وڌيڪ واڌو اضافي نه هوندو.
T20Worldcup2024 Semifinal INDvsENG Rain