ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي ايجنٽ ڪمپني ( سايا ڪارپوريشن ) به صحافي مبشر لقمان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ محمد رضوان جي ايجنٽ ڪمپني طرفان به مبشر لقمان طرفان مڙهيل الزامن خلاف قانون رستو اختيار ڪرڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.
سايا ڪارپوريشن جي ذريعن جو چوڻ آهي جلد مبشر لقمان خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جي درخواست ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، صحافي مبشر لقمان طرفان ڪرڪيٽرز ۽ سندن گهرڀاتين تي بي بنياد الزام مڙهيا ويا پر هو چپ رهيا، پر جڏهن پاڪستان مٿان ڳالهه ايندي ته چپ نه ويهنداسين.
mubashirluqman BabarAzam MRizwan PakistanCricketteam