وفاقي ڪابينا آپريشن ” عزم استحڪام “ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا آپريشن ” عزم استحڪام “ جي منطور ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني.
ذريعن موجب، ڪابينا اجلاس دوران ايپڪس ڪميٽي طرفان اعلانيل آپريشن عزم استحڪام جي به منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران چيو ته آپريشن عزم استحڪام بابت اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن پر واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هي آپريشن ٻين آپريشنز جيان نه آهي هي انٽيليجنز بيسڊ آپريشن هوندو جنهن ۾ ڪنهن کي ڪٿي به منتقل نه ڪيو ويندو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي نيشنل ايڪشن پلان جو تسلسل آهي ۽ ان کي اڳتي کڻي هلڻو آهي، عزم استحڪام آپريشن ۾ عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوندو، نه ئي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪا اهڙي قسم جي ڪارروائي ڪئي ويندي، رڳو شرپسند عنصرن خلاف انٽيلجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان آپريشن تي خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا.
.

Federal cabinet greenlights OperationAzm-e-Istehkam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.