شهباز نالي ماتر وزيراعظم،آپريشن عزم استحڪام، عدم استحڪام ثابت ٿيندو\فضل الرحمان

ڪوئيٽا(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام اصل ۾ عدم استحڪام ثابت ٿيندو. ڪوئيٽا ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن وقت ۾ رياست جي رٽ نه هجڻ برابر آهي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه هجي يا بلوچستان، هٿياربند  تنظيمون سري عام عام علائقن کي ڪنٽرول ڪري رهيون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ سج لهڻ بعد پوليس ٿاڻن ۾ بند ٿي ويندي آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته هنن هاڻي آپريشن عزم استحڪام شروع ڪرڻ جو چيو آهي، اهو عدم استحڪام آپريشن آهي جيڪو ملڪ کي ڪمزور ڪندو، مولانا فضل الرحمان سوال ڪيو ته ملڪ کي ڪمزور ڇو پيو ڪيو وڃي؟ سندس چوڻ هو ته شهباز شريف وزير اعظم ناهي بس ڪرسي تي ويٺل آهي، جنهن اجلاس ۾ وردي وارو موجود هوندو اتي فيصلو به وردي واري ڪندو. هن پڇاڻو ڪيو ته ماضي ۾ به آپريشن ٿيا آهن، مهرباني ڪري ان جا نتيجا پيش ڪريو، اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟ فوج چپي چپي تي موجود آهي، اهاڇو بي وس ٿي وئي آهي؟ خيبرپختونخواهه ۾ سج لهڻ سان ئي پوليس ٿاڻن ۾ بند آهي، ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڇو ڪيو پيو وڃي؟ ايپڪس ڪميٽي ڇا آهي؟ جڏهن اهو تعلقي سطح تي هوندو آهي ته ميجر اتي ويهندو آهي، جڏهن اهو ضلعي سطح تي هوندو آهي ته ڪرنل ويهندو آهي، جڏهن اهو صوبائي سطح تي هوندو آهي ته ڪمانڊر ويهندو آهي ۽ جڏهن اهو وفاقي سطح تي هوندو آهي ته اتي آرمي چيف ويهندو آهي.  ڇا اسان پاڪستان انهي ڪري حاصل ڪيو هو ته جرنلز جي غلامي ڪيون. جي يو آءِ سربراهه ٻڌايو ته اسان ڪنهن اتحاد جي مخالفت نٿا ڪيون، سياسي ماڻهن کي پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪرڻ کپن، ڳالهين جا سٺا نتيجا ملندا آهن، جمهوريت ۽ پارليامينٽ پنهنجا پنهنجا ڪيس هارائي چڪا آهن، اسان کي هڪ ڇت هيٺان رهڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.