علي امين گنڊاپور پاران آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه سان ملاقات جي خواهش

پشاور( م ڊ) ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ] ايپڪس ڪميٽي بابت پارٽي ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ ميمبر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ڪي پي هائوس ۾ ملاقات ڪندا. ذريعن موجب ميمبر  آپريشن عدم استحڪام بابت خدشن جو اظهار ڪندا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ايپڪس ڪميٽي جي ڪارروائي بابت پارليامينٽ ميمبرن کي آگاهه ڪندو،اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته ايپڪس ڪميٽي ۾ هڪ نالو آيو ”عزم پاڪستان“ جڏهن ته ان سان گڏ آپريشن جو ذڪر نه ڪيو ويو، ڪميٽيءَ ۾ پاليسيءَ طور بيان ڪيو ويو ته دهشتگردي ختم ٿيڻ گهرجي، مان فوجي قيادت سان ملاقات ڪري آپريشن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيان ٿو.علي امين گنڊاپور انڪشاف ڪيو ته جنرل قمر باجوا پاڻ چيو ته جنرل فيض حميد بهترين آرمي چيف هوندو. عمران خان ڪڏهن به ڪنهن کي نه چيو هو ته فيض حميد آرمي چيف بڻايو وڃي.جنرل فيض حميد کي هٽائڻ کانپوءِ دهشتگردي وڌي وئي هن چيو ته بدقسمتي سان جنرل فيض کي اهڙي وقت هٽايو ويو جڏهن هو افغانستان ۾ امن امان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو.علي امين گنڊاپور چيو ته جنرل فيض کي هٽائڻ جو سبب حڪومت ڊاهڻ جو منصوبو هو، باجوا جو  نواز شريف يا آمريڪا سان گڏجي عمران خان حڪومت کي هٽائڻ جو منصوبو هو.هن چيو ته جنرل فيض جي برطرفي کانپوءِ هن دهشتگردي کي ڇڏي تحريڪ انصاف جي پيروي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.