سکر (رپورٽ:آزاد مهر) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪچي ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن کي قومي ڌارا ۾شامل ڪيو وڃي جڏهن ته ٻين خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، سکر ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ امن امان جي بحالي ۽ ڪچي ۾ آپريشن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، سيد ناصر حسين شاھ ،ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، وزير منصوبا بندي سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ محمد اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص، جي او سي 16 ڊويزن ميجر جنرل عامر امين ۽ وفاق جي اعلي اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جو اجلاس سنڌ اندر ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن تي غور ويچار ڪرڻ ۽ ٻيا مامرا بحث آيا، پوليس جي ڪارگردگي ۽ ڪروڙين رپيا امن امان تي خرچ ٿيل ۽ سکر بيراج جي گيٽ جي لڙھي وڃڻ سميت ٻيا معامرا بحث ھيٺ آيا، ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهاري پيشا ماڻهو جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪن ته انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ٻين ڏوهارين سان سختي سان نپٽي کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، صدر چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ روڊ، صحت، تعليم جي بنيادي ڍانچي ترجيحي بنيادن تي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن اهو پڻ مشورو ڏنو ته قبيلن جي سردارن تي مشتمل هڪ قومي جرڳو ڪوٺايو وڃي جنهن ۾ مقامي آبادي کي معمول تي آڻڻ ڏوهن جي روڪٿام، علائقن کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۽ علائقي ۾ سڪيورٽي جي صورتحالي کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. صدر مملڪت کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت پهرين مئي ان ٿيندڙ آخري اجلاس دوران ڏنل هدايتن تي عملدارن جي صورتحال بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ صدر کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڏوهاري پيشا ماڻهن خصوصي طور تي ڪراچي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڏوهن ۾ گهٽتائي جو لاڙو ڏٺو ويو، اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته صدر مملڪت جي هدايت تي منشيات فروشن خلاف پڻ ڪريڪ ڊائون جاري آهي جنهن دوران پوليس 302 منشيات سپلاءِ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو آهي. صدر چيو ته سنڌ حڪومت کي پوليس فورس کي جديد هٿيار فراهم ڪرڻ مناسب انساني وسيلا ڏئي انهن جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، ته جيئن اهي پنهنجي فرض کي بهتر طريقي سان نڀائي سگهن، صدر مملڪت اها پڻ هدايت ڪئي ته شهيد اهلڪارن جي ٻارڙن جي فلاح ۽ بهبود کي پڻ يقيني بڻايو وڃي، صدر آصف علي زرداري پوليس جي ڪيڊٽ ڪاليجن کي قيام لاءِ ايراضي فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ چونڊيل ٻارڙن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي، صدر سنڌ پوليس جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ فوري طور تي اضافي جي پڻ هدايت ڪئي.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ گذريل ٻن مهينن دوران هاءِ ويز سان لاڳاپيل ڪو به ڏوهه رپورٽ ناهي ٿيو،ڊي جي رينجرز بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز پاران 133 گڏيل آپريشن ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ سوين ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوهاري پيشا ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊي جي رينجرز وڌيڪ چيو ته ڏوهن تي ڪنٽرول آڻڻ لاءِ ڪچي جي علائقي ۾ اضافي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن.