منيلا ( م ڊ ) پاڪستاني صحافي ڪمال صديقي کي فلپائن جي شهر منيلا ۾ ايسٽ ويسٽ ميڊيا ڪانفرنس ۾ جرنلسٽ ڪريج اينڊ امپڪيٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. خانگي چئنل آج نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز ۽ ايڪسپريس ٽربيون جي باني ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ پهريون پاڪستاني صحافي آهي جنهن کي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. ڪمال صديقي انهن ستن ماڻهن ۾ شامل هو، جن کي اڪثر ڏکين حالتن ۾ صحافت ۽ پريس جي آزادي لاءِ وابستگي جي ڪري ايوارڊ ڏنو ويو. سندس اعزاز ۾ ڏنل حوالو پرنٽ، ڊجيٽل ۽ براڊ ڪاسٽ ميڊيا ۾ سندس ڪم ۽ ميڊيا جي تعليم ۽ تربيت لاءِ سندس خدمتن کي اجاگر ڪيو ويو. ايوارڊ تقريب ۾ صحافين ۽ ميڊيا جي آزادي جي علائقائي نيٽ ورڪنگ ۾ ڪمال صديقي جي ڪم کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. ياد رهي ته هي ايوارڊ 2014ع ۾ ايسٽ ويسٽ سينٽر جي باهمي ميڊيا ڪانفرنس ۾ باهمت صحافين کي ڏنو ويندو آهي.