باجوا ۽ فيض حميد سميت دهشت گرد پاليندڙ جنرلن جو رڪارڊ سامهون آندو وڃي: ايمل ولي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) آزاد سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته مهاجر قومي موومينٽ سان تعلق رکندڙ سينيٽر چوي ٿي ته قوم پرستي تي سياست نه ڪئي وڃي،استحڪام پاڪستان آپريشن وري پختونن ۽ بلوچن لاءِ تباهي آڻيندو، سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته ڪالهه دير ۾ ڊرامي بازي ڪري 6 دهشت گردن کي جيل مان کڻي ماريو ويو، علائقي ۾ گن شپ هيليڪاپٽر سان بمباري ڪري خوف پکيڙيو ويو،ڪنهن به قوم تي تڪليف هوندي ته اسان انهن سان گڏ آهيون، هن چيو ته اسان ته هر قوم جي ڏک ۾ شامل ٿيندا آهيون، هن ملڪ خاطر هزارن جي انگ ۾ هڪ هڪ ڏينهن ۾ لاش کنيا آهيان، هن چيو ته دهشتگردن کي 1947ع کان ئي پاليو ويو، انهن جا سرپرست ڪير آهن؟ افغانستان ۾ جهاد لاءِ پختونخوا ۽ بلوچستان کي لانچنگ پيڊ طور استعمال ڪيو ويو،اربين ڊالر آيا،باچاخان ۽ خان عبدالولي خان اسلام جي نالي تي ان جهاد جي مخالفت ڪئي هئي، ڇو ته اسان آمريڪا لاءِ روس سان وڙهي رهيا هئاسين، سوات ۾ هجوم هٿان سياح جي قتل جو معاملو ٿيو اهو اسان کي هن وطن سيکاريو آهي،هن چيو ته پراڪسي جنگين لاءِ انهن جي سهولتڪارن،ماسٽرمائنيڊز اربين ڊالر ڪمايا،هن چيو ته آپريشن مٿان آپريشن ٿي رهيا آهن، طالبان کي ڪو به نقصان ناهي، فوج علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري قدرتي وسيلن تي قابض ٿي وڃي ٿي،هن چيو ته ڪالهه 102 خطرناڪ دهشت گردن کي آزاد ڪندڙن کي ڪهڙي سزا ملندي؟ جنرل ضيا،جنرل مشرف،جنرل باجوا، جنرل فيض کان وٺي اڄ تائين جيڪي به دهشتگردن جا سهولتڪار آهن انهن کي سزا نه ملندي، رڳو قوم کي سزا ملندي،اسان هن آپريشن کي رد ڪريون ٿا، هي ڊرامي بازيون هاڻي بند ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.