حيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر جي اڳواڻن, اديبن ۽ دانشورن چيو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي جو مذهبي بنيادن تي ورهاڱي جي حمايت ڪرڻ وارو فيصلو غلط هو, ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ سگهاري شڪل ۾ موجود هئي, کاٻي ڌر جي انقلابي سياست ۽ ترقي پسند فڪر کانسواءِ بنياد پرستي ۽ هن ظالماڻي سماج جو خاتمو ممڪن ناهي. اهڙن خيال جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد روشن خيال فورم (حرف) پاران ننڍي کنڊ جي اهم ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي سياست ۽ جدوجهد تي ڇپيل ڪتاب” ڪامريڊ جمال الدين بخاري, شخصيت ۽ سياسي جدوجهد” تي ڪوٺايل اڀياسي ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪامريڊ امداد چانڊيو چيو ته ڪامريڊ جمال الدين جي عظمت وڏي آهي, ان جي جدوجھد هارين، مظلوم طبقن جي بهتري لاءِ هئي, هن ڪتاب ان جي جدوجهد کي روشن ڪيو آهي. جمال الدين بخاري جي پٽ سيد مڪرم سلطان بخاري چيو ته ڪامريڊ جمال الدين نه رڳو نظرياتي انقلابي اڳواڻ هو, پر هو صحافي به هو ۽ هن الوحيد اخبار ۾ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي دردن تي لکيو. هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي جي ان وقت جي قيادت وڏيون غلطيو ڪيون, ڪميونسٽ پارٽي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ وڏي پارٽي هئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٽنڊوڄام ٿر سميت لاڙڪاڻي ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريا هئا. بابا ڪميونسٽ پارٽي جي غلطين جي نشاندهي ۽ مخالفت ڪئي, پر پارٽي قيادت نه مڃيو ۽ وڏو نقصان کاڌو. هن چيو ته بابا ۽ گوبند مالهي سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو هو, بابا سنڌي ادب جي ترقي پسند اديبن مان هو ھن پنھنجو رشتو ڌرتي سان جوڙيو عرض رتڙ چيو ته سنڌ ۾ جمال الدين بخاري ۽ سلام بخاري وڏو ڪم ڪيو, هنن ڌرتي سان محبت ڪئي سنڌي سکي ۽ صحافت به ڪئي, هن سجاد ظهير جي پاڪستان اچڻ جي انڪري مخالفت ڪئي جو هو هن سماج کان واقف نه هو. ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته جمال الدين بخاري پارٽي ۾ سخت گيريت جي خلاف هو, پارٽي جي اهڙي پاليسي ڪري سي پي خلاف آپريشن ٿيو ۽ پارٽي تباهه ٿي وئي. جامي چانڊيو چيو ته ڪامريڊ جمال ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو هو, ڪامريڊ جمال جا اسان پاڙيسري هئاسين, جنهن ڪري ڪامريڊ جمال سان بابا جو پيار جو رشتو هو, ڪامريڊ جمال الدين تي لکيل هن ڪتاب مان ايندڙ نسل کي ترقي پسند سياست, ادب ۽ کاٻي ڌر کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته هن ڪتاب پڙهڻ مان ڄاڻ ملي ٿي ته ڪميونسٽ پارٽي ڪيترن ۽ ڌڙن ۾ ورهايل هئي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري چيو ته ڪامريڊ جمال الدين کاٻي ڌر جي تحريڪ کي ڌرتي ڌڻين سان جوڙيو. نامياري صحافي سهيل سانگي چيو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي جدوجهد هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ لاءِ هئي, هن پاڻ کي ڌرتي سان جوڙي رکيو, کيس همشه ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي ڪامريڊ واحد بخش بنگلاڻي, ادريس جتوئي, ڊاڪٽر حميد سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ جمال الدين کاٻي ڌر جو عظيم انقلابي اڳواڻ ھو ، ھنن چيو ته ترقي پسند فڪر ۽ سائنسي سوچ سان ئي سماج جا سگھارا بنياد رکي سگھجن ٿا.