روهت جي ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ ڇڪن جي ڊبل سنيچري، بابر جو رڪارڊ به چٽ ڪري ڇڏيائين

هم رڪارڊ کان محروم ڪري ڇڏيائينسينٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما پاڪستان جي بابر اعظم کان اهم اعزاز کسي ورتو .
روهت شرما ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي، هن اِهو ڪارنامو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ انجام ڏنو.
پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ 116 اننگز ۾ 4 هزار 145 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
روهت شرما اڄ ڪيريئر جي 149 هين اننگز ۾ 73 هين رنس ٺاهي بابر اعظم کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
ان کانسواءِ روهت شرما ٽي ٽوئنٽي عالمي مقابلن ۾ ڇڪن جي ڊبل سينچري مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.

T20WorldCup2024 RohitSharma Babarazam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.