اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 27 جون تي ٻڌايو ويندو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي ۽ مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ خاور مانيڪا جي وڪيل زاهد آصف دليل ڏنا.
وڪيل سزا معطلي جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته اپيل ڪندڙن جو ڪيس سزا معطلي جو آهي يا نه، اپيل ڪندڙن جي وڪيل خاور مانيڪا کي ڪوڙو چيو، عدالت کي ڏسڻو آهي ته مفتي سعيد، خاور مانيڪا، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي مان ڪير ڪوڙو آهي؟
پوءِ جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 27 جون تي ٻڌايو ويندو.
imrankhan bushrabibi pti