آسٽريلوي اوپننگ بيٽر ڊيوڊ وارنر عالمي ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽ تان رٽائر ٿي ويو .
ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ وارنر جي رٽائرمينٽ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڊيوڊ وارنر جو پندرنهن سالا انٽرنيشنل ڪيريئر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ بعد ڀارت خلاف ميچ ڊيوڊ وارنر جي آخري ميچ ثابت ٿي، وارنر ورلڊ ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏنو هو.
ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو فائنل ڊيوڊ وارنر جي هڪ ڏينهن واري ڪيريئر جي آخري ميچ هو، ڊيوڊ وارنر جنوري ۾ پاڪستان خلاف پنهنجي آخري ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي.
جارحاڻي مزاج سبب شهرت رکندڙ ڊيوڊ وارنر 110 ٽي ٽوئنٽي، 161 ون ڊي ۽ 112 ٽيسٽ ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي جنهن هن مجموعي طور تي 18995 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 49 سينچريون ۽ 98 ففٽيون پڻ شامل آهن.
DavidWarner T20Worldcup2024 cricketaustralia