مٺي(غازي بجير) ماڻهن مان انسانيت موڪلائيندي پئي وڃي،گذريل ڏينهن مٺي شهر ۾ باءِ پاس روڊ تي ماروي پمپ ويجهو سخت گرمي دوران بيهوش ٿي ڪريل بيمار پيرسن کي ڏسي شهرين پوليس کي اطلاع ڪيو،مٺي پوليس بنا ڪنهن ريسڪيو ٽيم جي موبائيل وٺي ڄاڻايل هنڌ پهتي،جتي پوليس زمين تي بيهوشي جي حالت ۾ بيمار پيرسن شخص کي ريسڪيو ڪرڻ بدران اُتي هجوم ۾ بيٺل ماڻهن وٽان پيرسن کي گهيلائي هڪ لوڊر رڪشي ۾ وجهرائي اسپتال موڪلايو،وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واقعي تي بيٺل ماڻهو زمين تي بيهوش پيل پيرسن کي ٻانهن مان گهيليندي رڪشي طرف وٺي ويندي نظر اچن ٿا پر اُتي موجود پوليس اهلڪار تماشو ڏسندي نظر اچي رهيا آهن،هڪ غريب ۽ لاوارث بيمار پيرسن شخص جي پوليس جي سامهون اهڙي تذليل ٿيندي ڏسي هر ماڻهو مٿس تنقيد ڪري رهيو آهي،سوشل ميڊيا جا واهپيدار پوليس تي تنقيد جا تيز اُڇلائيندي نظر اچي رهيا آهن،مطالبو ڪيو پيو وڃي ته پوليس جي سامهون ڪنهن بيمار پيرسن شخص جي اهڙي تذليل شرمناڪ عمل آهي ۽ ايس ايس پي اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري ته جيئن پوليس اڳتي هلي وري ڪا اهڙي حرڪت ڪندڙن کي روڪي،شهرين موجب ته پوليس اهلڪارن کي گهرجي ها ته هُو اسپتال مان ريسڪيو ٽيم گهرائي پيرسن کي عزت سان اسپتال داخل ڪرايو وڃي ها،هوڏانهن ٻي پاسي پيرسن جي وارثن بابت ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو هو،