پي ٽي آءِ ميمبرن ٻي پارٽي ۾ وڃي سياسي خودڪشي ڇو ڪئي: چيف جسٽس\پي ٽي آءِ کان نشان کسڻ جي فيصلي سبب مونجهارو ٿيو: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اڃا به سياسي پارٽي آهي ته اها ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڇو آئي، عمران خان به وزيراعظم هجڻ دوران اليڪشن ڪميشن تي اثرانداز ٿيندو رهيو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 13 رڪني فل ڪورٽ ڪيس  جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس مسرت هلالي طبيعت خراب ٿيڻ سبب فل ڪورٽ جو حصو نه رهي.  ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي چيو ته عدالت جي ڪجهه فيصلن جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، عدالتي فيصلن ۾ آئيني تشريح لاءِ قدرتي حدن سان مطابقت تي زور ڏنو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته آزاد اميدوار ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽي بابت غلط بياني ڪئي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت آئين کي نظرانداز ڪيو. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غلط آهي ته پوءِ آئين جي صحيح وضاحت ڪريو، اليڪشن ڪميشن اڳتي وڃي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي، آئين ۽ قانون موجب ٻڌائي ته سني اتحاد ڪائونسل ڪيئن مخصوص سيٽون وٺي سگهي ٿي؟ جسٽس عرفان رمارڪس ڏنا ته جن سيٽون کٽيون آهن انهن کي خاص سيٽون ملڻ گهرجن. سني اتحاد ڪائونسل چونڊ نه وڙهندي ته سيٽون کٽڻ جو معاملو ختم ٿي ويو. جسٽس اطهرمن الله رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي تسليم ڪيو، چونڊ نشان واپس وٺڻ سان سياسي پارٽي ختم نه ٿي ويندي.  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ اڃا سياسي پارٽي آهي ته پوءِ ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڇو شامل ٿي وئي. هن وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ان دليل کي درست مڃيو وڃي ته توهان ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي خودڪشي ڇو ڪئي؟ جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جن اليڪشن نه وڙهي اهي سيٽون ڪيئن حاصل ڪندا؟   جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته رجسٽرڊ سياسي پارٽي جو هڪ ئي چونڊ نشان تي چونڊ وڙهڻ جي ضرورت ناهي. جسٽس شاهد وحيد رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جي قاعدي 92 جي شق 2 کي پڙهو. جسٽس اطهر من الله چيو ته مون اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پڙهيو جيڪو چونڊن کان اڳ آيو، سمورو معاملو اُلجهي ويو جڏهن پي ٽي آءِ کان نشان کسيو ويو، سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ چونڊ نشان کانسواءِ ڪيئن کٽي سگهي ٿي؟  جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن تي سوال اٿاريا ويا، 2018ع ۾ ڇا ٿيو، جن پريس ڪانفرنسون نه ڪيون انهن کي کنڀيو ويو، اهي ڳالهيون سڀني کي معلوم آهن، ڇا سپريم ڪورٽ ان تي اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن؟ ان تي وڪيل سني اتحاد جي ڪائونسلر فيصل صديقي چيو ته مان توهان جي ڳالهه سان مڪمل طور تي متفق آهيان. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي پارٽيون پارلياماني جمهوريت جو بنياد آهن، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد اميدوار قرار ڏنو. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته هي انتهائي خطرناڪ تشريح آهي.   جسٽس اطهرمن الله چيو ته کين چيو ويو ته ليول پلينگ فيلڊ نه ملي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جن کي ليول پلينگ فيلڊ نه ملي اهي اسان جي سامهون نه آيا. چيف جسٽس چيو ته اهي اسان وٽ ايندا آهن جڏهن ضرورت پوندي آهي، اهو وقت ياد آهي جڏهن اسان چونڊن جي تاريخ ڏني هئي، چونڊون ڪنهن ڪرايون؟ پي ٽي آءِ اليڪشن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت صدر ڪير هو؟ عارف علوي هو.  سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ موجب ڪو به شخص ٻن پارٽين جو ميمبر نٿو ٿي سگهي. (درخواست ڏيندڙ) ڪنول شوزب کي پهريان سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻو پوندو. هڪ موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان پي ٽي آءِ جو نه پر سني اتحاد ڪائونسل جو ڪيس ٻڌي رهيا آهيون. وڪيل سلمان اڪرم راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان توهان جي ڳالهه نٿا ٻڌي سگهون ڇو ته توهان مخصوص سيٽ لاءِ نه پي ٽي آءِ آهيو ۽ نه ئي سني اتحاد ڪائونسل جا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اسان کي آئين کي ڏسڻو آهي ڪنهن سياسي پارٽي يا حڪومت جو مفاد ناهي ڏسڻو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.