ڪراچي ۾ قهر جي گرمي، وڌيڪ 6 ڄڻا فوت، لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ شديد گرمي سبب مختلف علائقن مان وڌيڪ 6 لاش مليا، جنهن کانپوءِ 24 ڪلاڪن دوران فوتين جو انگ 17 ٿي ويو آهي. ريسڪيو عملدارن موجب ڪراچي جي مختلف علائقن مان وڌيڪ 7 ڄڻن جا  لاش هٿ آيا آهن جن جي عمر 35 کان 60 سال آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ اڪثريت منشيات جا عادي آهن جيڪي گرمي برداشت نه ڪري سگهيا.  ريسڪيو اهلڪارن کي ڪلاٿ مارڪيٽ، گوليمار، سپر هاءِ وي وٽان 3 ڄڻن جا لاش مليا، گلستان جوهر ۽ لانڍي مان به 2 لاش مليا، جڏهن ته فيڊرل بي ايريا ڪريم آباد مان هڪ لاش مليو. پوليس فوتين جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته فوتين جي سڃاڻپ جو عمل به جاري آهي.هوڏانهن گذريل ڏينهن  ڪراچي ۾ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ آهي پر گرمي جي شدت 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي وئي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 40 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، شهر ۾ آچر تي گرمي پد 41 ۽ 52 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ رات جو 39 ۽ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن سومر ڏهاڙي پارو 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن صبح 7 وڳي کان گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ٿيڻ لڳو ، سامونڊي هوائون بند آهن ۽ هوا ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙورهيو، موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته شهرين کي ايندڙ ٽن ڏينهن تائين اهڙي ئي گرمي برداشت ڪرڻي پوندي، شهر ۾ گرمي جو زور وڌڻ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شام ۾ سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، پارو 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. سخت موسم ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين لاءِ ٻيڻو عذاب بڻجي وئي آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ گرمي خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، شهر ۾ 10، 12 ۽ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. شهرين جو چوڻ آهي ته رات ٻه وڳي تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي بي حسي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.