سينيٽ پاران پگهاردار طبقي تان ٽيڪسن جو بار گهٽائڻ جي تجويز،سفارشون قومي اسيمبلي حوالي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ جي سفارش ڪئي جڏهن ته ٻين سفارشن ۾ موٽر سائيڪل سوارن کي رليف ڏيڻ لاءِ سستو پيٽرول جي اسڪيم جي به سفارش ڪئي وئي.نئين  فنانس بل 2024ع جي حوالي سان سينيٽ ۾ 128 سفارشون پيش ڪيون ويون، جيڪي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارش تي ايوان قومي اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيون.سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽايو وڃي، موٽرسائيڪل سوار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ سستي پيٽرول جي اسڪيم جوڙي وڃي.سينيٽ خيراتي اسپتالن کي طبي سامان ۽ دوائن تي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، تعميراتي شعبي تي لاڳو ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ ان شعبي لاءِ فنانس ايڪٽ 2019ع جي ٽيڪس رجيم کي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اوورسيز پاڪستانين پاران سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي .اهڙي طرح انهن ڊائريڪٽ ٽيڪسن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ، ڊائريڪٽ ٽيڪس وڌائڻ، فاٽا ۽ پاٽا ۾ 30 جون 2025ع تائين لوڪل سپلاءِ تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ، ڪمپنين جا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو قانون ختم ڪرڻ ۽ سيلز ٽيڪس ۾  1300 ارب اضافي جي تجويز واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي.سينيٽ ۾ نيوز پرنٽ تي 10 سيڪڙو جي ايس ٽي واپس وٺڻ، بلوچستان جي نوجوانن لاءِ خاص پروگرام شروع ڪرڻ، مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 45 هزار رپيا مقرر ڪرڻ ۽ اليڪٽرڪ گاڏين وانگر 660 سي سي تائين جي گاڏين تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي،جڏهن ته موبائل فون تي اضافي ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ،اسٽيشنري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي،مقامي ۽ امپورٽڊ سولر پئنل تي هڪ جيترو ٽيڪس لڳايو وڃي،سفارش ۾ اهو به چيو ويو ته صنعت ۽ ٻين شعبن وانگر زرعي معيشت تي ٽيڪس لڳايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.