هونئن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هر دؤر ۾ ڪراچي اندر سنڌي ڳوٺن جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهي آهي، جيئن گذريل حڪومت ۾ غازي ڳوٺ کي بلڊورز ڪيو ويو هو، جنهن ۾ خاص طور سنڌي آبادي ۽ سنڌي ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان رسايو ويو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جو منشور اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، خبر ناهي اها ڇو عملي طرح پنهنجي منشور کي پٺي ڏئي اقتدار جا ڏينهن گذاريندي رهي آهي.
خبر موجب ڪراچي اوڀر ۾ هاڪس بي واري علائقي ۾ مختلف ديهن تي ٻڌل پنجيتاليهه ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار ڇهه هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ليز تي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ ڊي ايڇ اي پوليس اينٽي انڪروچيمنٽ فورس جي علمدارن ڳوٺاڻن کي لڏائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري کين هراسان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ڊي ايڇ اي ملڪ جي هڪ طاقت ور اداري جي سرپرستي هيٺ هلندڙ پروجيڪٽ آهي، جنهن جي ملازمن کان وٺي مالڪن تائين عسڪري ادارن مان رٽائرڊ ڪيل اهلڪارن جي آهي، جيڪي خلق خدا کي دٻائڻ ۽ مٿن پنهنجو رعب ويهارڻ پيدائشي حق سمجهندا آهن. اهي پنهنجي طاقت جي زور تي انهن ڳوٺاڻن کي لڏائڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، جيڪي جڳن کان ان سرزمين تي آباد آهن، جن جون ڪيئي پيڙهيون ان پٿريلي ڌرتي تي پنهنجي زندگي گذاري ان ئي مٽي ۾ مدفون آهن.
هڪ طرف ڌارين جي لوڌ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪراچي جي ڪنڊ ڪنڊ والاريندي پئي وڃي، جيڪا ڦٽ ڦاٽ کان ويندي ڪوهستان تائين وڃي پهتي آهي، جن ۾ ڪرمنل مائيڊ سيٽ رکندڙن ماڻهن سان گڏ ڪيئي تخريبي سرگرمين ۾ پڻ ملوث نظر ايندا آهن، پر سرڪار انهن کان ڪڏهن به پڇڻ جي صحت ناهي ڪئي باقي هر اليڪشن ۾ چونڊجي اچڻ کان پوءِ سنڌين جو ڪو نه ڪو ڳوٺ ڊاهڻ جهڙو سنڌ سرڪار تي لازم بڻيل هجي.
ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ ڊاهڻ کان پوءِ هڪ ئي ڌڪ ۾ پنجيتاليهه ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ سوين خاندانن کي بي گهر ڪري کين دربدر ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو خطرناڪ چهرو عوام جي سامهون واضح ٿي اچي چڪو آهي، پنجيتاليهه ڳوٺڻ کي ڊاهڻ جو مطلب سنڌين جي هڪ وڏي آبادي کي پنهنجي شهر ۽ ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ جي مترادف آهي، جيڪو هن حڪومت جو پنهنجي عوام ۽ ووٽرن تي سڀ کان وڏو ظلم ۽ جبر آهي.
سنڌ حڪومت پنهنجي گذريل دؤرن ۾ سنڌ جي نهايت ئي قيمتي زمين بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ تي ڏئي ڇڏي هئي. سنڌ سرڪار بحريه ٽائون زمين ايتري سستي اگهه تي ڏني هئي جو ملڪ رياض ان زمين کان ٻيڻا پئسا رڳو ان زمين مان ريتي، بجرو ۽ پٿر حاصل ڪري ڪمائي ورتا هئا، جن ڳوٺاڻن پنهنجون زمينون ملڪ رياض کي وڪرو ڪرڻ نٿي چاهيون انهن کي مختلف طريقن سان هراسان ڪري مٿن دٻاءُ وجهي کين زمين وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.
پاڪستان پيپلز پارٽي کي گهرجي ها ته هاڪس بي جي مختلف ديهن تي ٻڌل پنجيتاليهه ڳوٺن سان گڏڪراچي جي قديم وسندين ۽ سنڌي ڳوٺن کي قانوني تحفظ فراهم ڪري کين زندگي جون سڀئي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏئي ها، ڇاڪاڻ ته انهن ڳوٺن مان اڪثريت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ووٽرن جي آهي، جتان پ پ پ جا هر اميدوار اليڪشن ۾ سوڀارا ٿيندا رهيا آهن.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان عملن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اها طاقت جو سرچشمو عوام جي بدران ڪنهن ٻئي ڌر کي سمجهي ٿي، پر حقيقت اها آهي ته عوام ئي اصل طاقت جو سرچشمو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿي، جيڪا تلخ تجربن سان ڀري پئي آهي، جيڪڏهن اها ڪجهه سکڻ، سمجهڻ ۽ مستقبل ۾ ڪنهن سياسي حادثي کان بچڻ چاهي ته اها پنهنجي ئي سياسي تاريخ مان سبق حاصل ڪري بچي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته موجوده سياسي حالتن مان اهو واضح ٿي چڪو آهي ته ملڪ جو عوام جنهن سان گڏ رهيو آهي، ان جي آڏو طاقتور ماڻهو به پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا آهن.
سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ڊي ايڇ اي کي ڏنل ليز واپس ورتي وڃي، ۽ سمورن ڳوٺن کي قانوني تحفظ فراهم ڪري کين هر طرح جي سهولت مهيا ڪئي وڃي، جنهن سان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جي پت رهجي ويندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زمين رڳو ڊي ايڇ اي اسڪيم ۽ فوجي ڇاوڻين لاءِ ناهي، ان تي سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي جيڪي صدين کان ان ڌرتي سان جڙيل رهيا آهن، ڀلا جيڪي صدين کان پنهنجي ڌرتي سان جڙيل هجن اهي ايتري آساني سان پنهنجا اباڻا ڪک ۽ وڏڙن جو قبرون ڪيئن ڇڏيندا، جن پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ جي بدران سخت مزاحمت جو اعلان پڻ ڪيو آهي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته پرسڪون ڳوڻاٺن کي پرامن رهڻ ڏيو وڃي جيڪي جڳن کان پرامن رهندا پيا اچن