ڄنگھون جسم جي اهم عضون ۾ شمار ٿين ٿيون. جن بنا گھمڻ ڦِرڻ ۽ هلڻ چلڻ نه ٿو ڪري سگھجي. ڄنگھون جسم جو حصو آهن جيڪي جسم کي خوبصورت بنائين ٿيون. انهن جي سواءِ جسم اڌورو، اڻ پورو، نامڪمل ۽ بي ڊولو لڳي ٿو. ڄنگھون قدرت جي نعمت آهن. جنهن ڪري انهن جي قدرداني ڪرڻ به ضروري آهي. پر، اسان وٽ قدرداني ڪونه ٿي ڪئي وڃي.
هتي قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان وٺي، پوليس ڪيترن ئي ڏوهارين کي گوڏن ۾ گوليون هڻي “هاف فراءِ” ڪريو ڇڏي. ڪن بيڏوهي ماڻهن سان به اهڙو حَشر ڪيو وڃي ٿو. پوءِ، اهي هلڻ کان عاجز ٿي هڪڙي هنڌ ويهو وڃن يا مصنوعي ڄنگھه وجهرائي معمولي چرپر پيا ڪن. پوليس جي اهڙي ڪارروائي ۾ تيزي ٿيندي پئي وڃي. تنهن هوندي به ڏوهن جو خاتمو ۽ امن و امان جي خراب حالتن تي ڪوبه ڪنٽرول ڪونه ٿو ٿئي. حالتون ويتر خراب ٿي رهيون آهن. هاف فرائي جي ڪارروائي سڄي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي.
نه رڳو انسانن جي ڄنگھن کي نقصان پهچايو پيو وڃي. پر، جانورن جي ڄنگھن تي به ظلم جي انتها ڪئي پئي وڃي. تازو، سانگھڙ ضلعي ۾ هڪ وڏيري ڏاچيءَ جي ڄنگھه وڍرائي ڇڏي آهي وڏيري جو چوڻ آهي ته ان، سندس فصل جي ڀيل ڪئي آهي. نتيجي ۾ ان جي ڄنگھه وڍرائي ڇڏي اٿم ته جيئن اها ٻيهر فصل ۾ اچي ڀيل ڪري نه سگھي. سڄو معاشرو ان عمل جي مذمت ڪري ٿو. حڪومت به وڏيري جي خلاف نوٽيس ورتو آهي. هڪ گگدام سان اهڙو لقاءُ ڪرڻ وڏيري جي هٺ ڌرمي، مغروري ۽ ظالمانه رَوَش آهي. جڏهن ته وڏيري کي گھرجي ها ته هو اُٺڻي جي ڄنگھه نه وڍرائي ها. اها ڍڪ ۾ وجهرائي ڇڏي ها. ان جي مالڪ کي گھرائي ان تي ڏنڊ هڻي ها يا کيس سمجھائي ها ته پنهنجي اُٺ کي قابو ڪريو ته جيئن فصل جو نقصان نه ڪري يا ڪو قانوني طريقو اختيار ڪري ها. پر، وڏيري پنهنجو ظالمانه فيصلو ڪيو جنهن ڪري دنيا تنقيد جو نشانو بنجي ويو آهي. وڏيري تي آڱريون کڄي رهيون آهن. کيس ڪير به چڱو ڪونه ٿو سمجهي.
ٻڌو اٿئون ته وڏيري جي طرف جا ڪجهه ماڻهو، پوليس گرفتار به ڪيا آهن. جن مان ٻن ڄڻن ان ڏوهه جو اقرار به ڪيو آهي وڌيڪ گرفتارين ڪرڻ لاءِ پوليس ڪارروايون ڪندي وتي. شايد وڏيري کي اها خبر ئي ڪونه هئي ۽ کيس اندازو ئي ڪونه هو ته، عوام جو ايترو رد عمل سندس خلاف ايندو.
حڪومت توڙي عوام توڏي جي مالڪ سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ايتري قدر جو هڪ ڌر اُٺ کي مصنوئي ڄنگھه لڳرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. چون ٿا ته اها ڄنگھه هندوستان مان ٺهي ايندي. جڏهن ته سنڌ جي گورنر اُٺڻي مالڪ کي ٻه اُٺ ڏيڻ جو به اشارو ڏنو آهي اميد ته اهي به کيس جلد ئي ملي ويندا.
اها ڳالهه اڃا ڪنهن کان به وسري نه آهي. ماڻهو ڪچهرين ۾ ان وڏيري جي نندا ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري ڳوٺن جي اوطاقن ۾ رات جو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به ذڪر هلندو رهي ٿو ته اوچتو وري هڪ ڇرڪائيندڙ نئين خبر ٻڌڻ ۾ آئي آهي. تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي احمدپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪريم ڏنو ميتلو ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي.
ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ويهن ورهين جي نوجوان پورهيت اڪرم پٽ محمد اسمائيل ميتلو کي هٿياربندن يرغمال بنائي، سخت تشدد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ سندس هڪ ڄنگھه ڪٽي ڇڏي. وارثن زخمي کي پهريائين پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو جتي خاطر خواه علاج نه ٿيڻ ڪري، زخمي کي گمس اسپتال موڪليو ويو آهي. هاڻ، هو اتي زيرعلاج آهي. ماهر ڊاڪٽر جي نظرداري ۾ سندس علاج ڪيو پيو وڃي. اميد ته جلد ئي سندس زخم ٺيڪ ٿي ويندو ۽ صحتيابي حاصل ڪندو. ان کان پوءِ مصنوعي ڄنگھه لڳرائي مس هلڻ جهڙو ڪيو ويندو.
جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ اها انتهائي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي. جنهن جو ازالو به ٿي نه ٿو سگھي. بهرحال هي واقعو اڃا تصديق طلب آهي. صحيح ۽ درست حقيقتون سامهون اچن ته پوءِ ان لقاءِ کي ٻيهر قلمبند ڪبو. هي هڪ اهم موضوع آهي جنهن کي هرگز نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. ان متعلق نشاندهي ڪرڻ وقت جي تقاضا ۽ گھر آهي.
شگر جي مريضن مان ڪن مريضن جي پيرن ۾ زخم ٿي پوندا آهن ۽ اهي گھڻو علاج ڪرائڻ جي باوجود به ٺيڪ ڪونه ٿا ٿين ڪن جا زخم ختم ته ڪونه ٿا ٿين. پر، مورڳو وڌيو وڃن ۽ زخم ڄنگھه جي مٿين حصي ڏانهن وڌڻ شروع ڪن ٿا.
زخم ناسور بنجيو وڃڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر مريضن جي ڄنگھه ڪٽيو ڇڏين. اهڙا مريض دنيا ۾ تمام گھڻا آهن. اهي ڄنگھه وڍڻ جي ڪري معذوري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيو پون. پوءِ جيستائين جيئرا آهن تيستائين محتاج رهن ٿا. جنهن ماڻهو کي ڄنگھه ڪونه هوندي آهي تنهن کي “لنگڙو”، “منڊو” ۽ “معذور” چيو ويندو آهي.
ڪي وري حادثن م ڄنگھه جو نقصان ڪرايو ڇڏين. ڪي ڄائي ڄم کان منڊا هوندا آهن. پوليو ٿيڻ ڪري به ڄنگھن کان معذور ٿيو پون. مطلب ته ڪيترن ئي نمونن سان ڄنگھن جو زيان ٿئي ٿو. جيڪو ماڻهو کي محتاج، بيوس ۽ لاچار ڪريو ڇڏي.
ڄنگھه کان معذور ماڻهو ڪو وڏو وزن به ڪونه ٿو کڻي سگھي ۽ نه وري سخت محنت وارو پورهيو ڪري سگھي ٿو. هل هلان وارو ڪم ته ڪونه ڪري سگھندو. پر، هڪ هنڌ ويهي ڪاروبار ڪري سگھي ٿو. ان حال ۾ ڪافي دشوارين، مشڪلاتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجيو وڃين. الله تعاليٰ شال رحم فرمائي.
حقيقت پوليس کاتي جيڪا هاف فراءِ شروع ڪئي آهي جنهن ۾ ڏوهي توڙي بي ڏوهي ماڻهن کي گوڏن وٽ گوليون هڻيو معذور بنايو پيو وڃي. اهو، سلسلو بند ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾، حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ تحرڪ ۾ اچي هاف فراءِ مورڳو بند ڪرائي ته جيئن ڪوبه ماڻهو هلڻ کان ويهي نه وڃي. هڪ ڏوهي لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن. انهن تي عمل ڪري سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.
ائين ڪرڻ سان به ڏوهن تي ضابطو اچي سگھي ٿو. باقي ڪنهن کي معذور ڪرڻ اهو سٺو عمل ڪونه آهي. هڪ مهذب قوم لاءِ وڏو داغ آهي. ان کان سواءِ جيڪي ظالم ماڻهو آهن جانورن توڙي انسانن جون ڄنگھون ڪٽرائي رهيا آهن جنهن جا ٻه مثال مٿي پيش ڪري آيو آهيان. سانگھڙ ضلعي ۾ ڏاچي سان ٿيل لقاءَ کي ڏسي ان تي رحم ٿو اچي. ان ۾ وڏيري ۽ ان جي حوارين جي خلاف به سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. انهن سان ڪابه رعايت ٿيڻ نه گھرجي ۽ کين ڇوٽ نه ڏني وڃي انهن وڏو ظلم ڪيو آهي.
هڪ گگدام کي تڪليف ڏني اٿن. اهو هڪ اڻ وڻندڙ واقعو آهي جيڪو ڪنهن کي به پسند ڪونه آهي. جنهن جي سڄو جڳ جهان مذمت ڪري ٿو. ٻيو واقعو خيرپور ضلعي جي احمدپور ٿاڻي جي حد ۾ به هڪ پورهيت تي تشدد ڪري ڄنگھه ڪٽي ويئي آهي.
ان ڏوهه ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن تن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. تانته ٻيا ظالم سندن سزائن مان سبق حاصل ڪري اهو ڪڌو ۽ ڪنو ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪن. ان سلسلي ۾ ڪنهن قانون سازي جي ضرورت هجي ته اها به في الفور ڪئي وڃي ۽ ان قانونسازي تي عمل ڪرائي ڄاڻايل وڌندڙ رجحان تي ضابطو آڻڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان ماڻهن جون زندگيون بيڪار ۽ ناڪاره ٿيڻ کان بچي پونديون. ان حوالي سان حڪمرانن کي سچائي ۽ صداقت سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي اميد ته حڪومت هن طرف ڌيان ڏيئي موزون، معقول ۽ مناسب قدم کڻڻ ۾ دير ڪونه ڪندي.