ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران امن ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ پوليس تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جو الزام هنيو آهي ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو آهي.ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ پي ٽي آءِ پاران ”عمران خان کي آزاد ڪيو“ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ به شرڪت ڪئي. تحريڪ انصاف پوليس تي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن تي تشدد جو الزام لڳايو ۽ چيو ته پوليس پي ٽي آءِ ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد، رضوان نيازي، ولي مغيري سميت درجن کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته پوليس پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظهر ۽ ٻين اڳواڻن تي تشدد ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر واجد حسين ۽ ايڊووڪيٽ حارث ميئو کي به گرفتار ڪيو. تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته هو پوليس پاران ڪارڪنن تي ٿيل وحشياڻي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ پرامن احتجاج اسان جو آئيني حق آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت بدران آمريت آهي، عوام کي اظهار جي آزادي کان روڪڻ غير قانوني عمل آهي، پوليس جي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اڄ اسان جي پرامن ريلي تي پوليس حملو ڪيو آهي، دهشتگردي ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي ايم پي ايز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.