ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جي علائقي داغستان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن عيسائي ۽ يهودي عبادتگاهن تي حملا ڪري ٻن گرجا گهرن ۽ يهودي عبادتگاهن جي عمارتن کي باهه ڏئي ڇڏي.
اڻڄاتل هٿياربندن پوليس چيڪ پوسٽ تي به فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
مارجي ويلن ۾ گرجا گهر جو پادري ۽ 6 پوليس اهلڪار شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ پوليس اهلڪارن جو وڏو انگ شامل آهي.
روس جي جاچ ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي ڪاررواين تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملي آور مارجي ويا آهن.
ٻئي پاسي روسي عملدارن الزام هنيو آهي ته آمريڪا روس ۾ حملن لاءِ يوڪرين کي هٿيار ڏئي رهيو آهي…..
attacks synagogue churches Russia Dagestan