اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.بجيٽ جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن جاري آهي ۽ شهباز حڪومت کي پيپلز پارٽي جي اختلافن سبب بجيٽ جي منظوري بابت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.نوازشريف بجيٽ سيشن کان موڪل جي درخواست اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق منظور ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف بجيٽ پيش ڪرڻ واري ڏينهن به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو هو.