ڀارتي فوج جي دهشت گردي، وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد

سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي. سرينگر مان ڪشمير ميڊيا سروس موجب  قابض ڀارتي فوج بارا مولا ضلعي ۾ ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪي ايم ايس موجب ڪشميري نوجوانن کي گهيري ۽ تلاشي جي پرتشدد ڪارروائي ۾ شهيد ڪيو ويو.

  1. غزا ۾ اسرائيلي بربريت جاري، وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ٿي ويا

غزا (م ڊ)غزا ۾ اسرائيلي فوج جا وحشياڻه حملا جاري آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان غزا ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 37 هزار 598 ٿي ويو  آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 86 هزار 32 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

  1. اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي جنيد اڪبر پاران نامناسب لفظ استعمال، معافي گُهري ورتي

اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي جنيد اڪبر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير دوران نامناسب لفظ استعمال ڪيا. جنهن تي حڪومتي ميمبرن ايوان ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، حڪومتي بينچن پاران ايندڙ ردعمل بعد ڊپٽي اسپيڪر جنيد اڪبر جا لفظ  حذف ڪري ڇڏيا. جنيد اڪبر به پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي معافي گهري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.