لاهور (م ڊ) چيئرمين علماءَ ڪائونسل حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته چيف جسٽس وي وي آءِ پيز ۽ سياسي ڪيسن کي هڪ هفتي لاءِ هڪ طرف ڪري، توهين مذهب ۽ توهين ناموس رسالت جي ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ گهرجي، آپريشن انتهاپسندي، عدم برداشت ۽ وڌندڙ تشدد خلاف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عدليه فيصلو ڪري ته 3 مهينن ۾ ٽرائل ٿئي ڪيسن جو فيصلو ڪيو وڃي، جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي ۽ بيگناهه کي گهر وڃڻ گهرجي. حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته جج ۽ مدعي بڻجڻ جو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، رياست ۽ عدليه کي سوات واقعي تي سوچڻ گهرجي، اهي واقعا پاڪستان ۽ اسلام جي نالي تي داغ آهن.هن چيو ته سعودي عرب ۾ گرمي سبب فوتگيون ۽ ضابطا نه مڃڻ سبب ٿيون، حاجين کي گذارش ڪئي هئي ته ضابطن ۽ قانونن تي عمل ڪيو وڃي.