اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ايم اين اي جنيد اڪبر چيو آهي ته هن ملڪ جي جنرلن لٽيرن،جيب ڪترن کي عوام تي مڙهيو آهي، چيو وڃي ٿو ته ڪرنل شير خان جي فيملي کي ان ڪري تڪليف ٿي ته ان جو مجسمو ڊاٿو ويو،انهن جو ڏک جائز آهي پر ان فيملي کي ان ڪري به تڪليف ٿي ته هن ملڪ جي هڪ جنرل جا ٻاهرين ملڪ 12 ارب رپين جا اثاثا نڪتا هئا، ان تڪليف جو احساس ڪنهن کي آهي؟ هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جو دفاع مضبوط ٿئي،ادارن جو احتساب ٿئي، هن چيو ته ادارن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، چوندا آهن ته فلاڻن سان اهڙو ظلم ۽ جبر ٿيو پر تاريخ ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ پي ٽي آءِ سان ٿيو اهو ڪنهن سان به نه ٿيو، اسان جون نياڻيون کنڀي بليڪ ميل ڪيو ويو، اسان جي هڪ ايم اين اي کي بيڊروم مان اداري جا ماڻهو کنڀي ويا ته پريس ڪانفرنس ڪرڻي آهي،هن چيو ته هن بجيٽ ۾ نه عوام نه ملڪ لاءِ ڪجهه آهي، 1500 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن،ارب پتين کي رليف ڏنو ويو آهي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي،هن چيو ته فارم 47 واري حڪومت جي ڪهڙي اوقات آهي، بجيٽ پ پ ۽ ن ليگ سان به ڊسڪس نه ڪيو ويو، دفاع لاءِ 2200 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي ان ۾ اسان جي وزير ڀارت سان ڀيٽ ڪئي آهي پر هندستان جي ناڻي ذخيرن، ايڪسپورٽ،تعليم ۽ ترقي جو به ٻڌايو وڃي، هن چيو ته فوج مضبوط هئڻ گهرجي پر اسان چاهيون ٿا ته فوج پنهنجو ڪم ڪري، ادارا پنهنجي پروفيشنل ذميواري بدران ٻين ڪمن ۾ لڳل آهن، ايم اين ايز سان رابطا ڪري چيو وڃي ٿو ته 20 ڪروڙ ڏينداسين، 30 ڪروڙ ڏينداسين اسان پڇڻ چاهيون ٿا ته اهي فنڊ ڪٿان ٿا اچن؟ هن چيو ته هتي ادارا وزيراعظم، دفاع وارا وزير پاڻ آڻي ڇڏين ٿا ته پوءِ پارليامينٽ جو ڪهڙو فائدو؟ اسان کي سنڌ،بلوچستان ۾ سياسي سرگرمين جي اجازت ناهي، ڪي پي ۾ فوجي آپريشن تي اسان کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، ڪي پي ۾ 20 سالن کان هلندڙ فوجي آپريشن جو حساب ڏنو وڃي، فوجين جي شهادت تي اسان کي به ڏک پهچي ٿو
.