ٿرپارڪر ( ع آ نيوز) ٿرپارڪر ۾ عدالتي حڪمن باوجود واش روم قائم نه ٿي سگهيا، عورتون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن ، ضلعي ۾ ڪنهن به هنڌ واش روم قائم نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب عورتن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ مهينو اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي 32 ضلعن ۾ واش روم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو ته جيئن شهري انهن کي عوامي هنڌن تي استعمال ڪري سگهن، پر حڪومتي لاپرواهي سبب ٿرپارڪر ضلعي جي ڪنهن به شهر ۾ واش روم تعمير نه ٿي سگهيا آهن.
واش روم نه هجڻ سبب ڏورانهن علائقن مان شهر ۾ ايندڙ ماڻهن خاص ڪري عورتن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهرين انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته سندن سهولت لاءِ فوري طور تي عوامي هنڌن تي ٽوائلٽ قائم ڪيا وڃن.