سوات ( م ڊ ) سُوات جي علائقي مَدين ۾ قرآن پاڪ جي مبينا بي حرمتي ڪندڙ جوابدار کي زندهه ساڙڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم، ملوث ماڻهن خلاف آپريشن، 23 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، اڻڄاتل هنڌ کين منتقل ڪيو ويو، وڌيڪ گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ويا، واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي 9 ميمبرز تي ٻڌل آهي، ايس پي انويسٽيگيشن ڪميٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جي آءِ ٽي ۾ ڊي ايس پي انويسٽيگيشن اَپر سُوات، ڊي ايس پي مَدين، سي ٽي ڊي ۽ آءِ بي جا نمائندا به شامل آهن، پوليس موجب مَدين واقعي ۾ ملوث 23 ڄڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن خلاف اڳواٽ ٿاڻي تي حملي ۽ باهه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، وڊيوز جي مدد سان سڃاڻپ ڪري واقعي ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، 3 ڏينهن اڳ مَدين ۾ سيالڪوٽ جي هڪ سياح کي پاڪ ڪتاب جي بي حرمتيءَ جي الزام هيٺ مڇريل هجوم ٿاڻي تي حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.