ايف بي آر پگهاردار طبقي مٿان وڌيڪ ٽئڪس مڙهي ڇڏيو آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري  رحمان جو چوڻ آهي ته ايف بي آر انهن تي ٽيڪس لڳايو آهي جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، پگهاردار طبقي جو اڳ ئي مشڪل سان چلهه ٻري رهيو آهي مٿان وري اڃا ٽئڪس لڳايا ويا آهن، هي بجيٽ عوام لاءِ مايوس ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، ، اسان جيڪي سفارشون ڏئي رهيا آهيون انهن تي عمل ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ وارا صبح هڪڙي ڳالهه ڪندا آهن ۽ شام جي وري ٻي ڳالهه ڪندا آهن، پهرين طئه ڪري وٺن ته جيئڻ جي خواهش اٿن يا وري مرڻ جو ارادو ڪيو اٿن، ٻنهي رستن جو هڪ ٽڪيٽ تي مزو نه وٺن، خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شيري رحمان وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف هن وقت اندران انتشار ۽ گروپبندي جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ ليڊر صرف طاقتور حلقن سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن هو جمهوري ماڻهن کي طاقتور نه ٿا سمجهن ته پوءِ بهليل آهن، شيري رحمان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ حڪومتي ڪميٽي سان ملاقاتون ڪيون آهن، اعتماد جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پيپلز پارٽي بندوق جي زور تي ڳالهيون نه ڪندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.