دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو جي 3 گھر ڀاتين ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ انويسٽگيشن پوليس آفيسر جو بيان مڪمل ٿي ويو، ٻڌڻي 29 جون 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي، ڪيس جي پوئواري ڪندڙ ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پهتا، قتل ڪيس جي الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو عدالت ۾ پهتو، ڪيس ۾ جوابدار جيڪي جيل حوالي آهن اهي به عدالت پهتا جنهن ۾ ذوالفقار چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، سڪندر چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو شامل آهن. جڏهن ته عدالت جي احاطي ۾ ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڀوتارڪو نظام برقرار آهي ان جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون هن چيو ته جوابدار ڌر پاران اسان کي ڪورٽ ۾ حراسان ڪيو ٿو وڃي جنهن جي شڪايت اسان عدالت جي جج کي ڪئي آهي.