لاھور ( بيورو+م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن مهانگي بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري لوڊشيڊنگ ۽ عوام دشمن بجيٽ خلاف آچر اڄ ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي قومي تحريڪ مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. منصورا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ظالم بجيٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ن ليگ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تي پاڻ ۾ مسئلو جاري آهي. رسڻ ۽ پرچائڻ جي ڊرامي کي عوام خوب سمجهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي جو احتجاج پر امن هوندو پنجاب ۾ قلم144انگريزن جو نازل ٿيل قانون آهي حق جي لاءِ آواز کي نٿو دٻائي سگهجي. حڪمرانن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪن. امير جماعت اسلامي چيو ته سخت گرمي ۾ ملڪ ۾ مسلسل لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي وري مٿان بجلي جا ڳرا بل عوام کي نپوڙيو ويو آهي عوام جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. شهباز شريف ڪافي عرصي کان وٺي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جون ڪوڙيون ڳالهيون ڪندو رهي ٿو. هن وزير خزاني جي قومي ادارن کي وڪرو ڪرڻ جي ڳالهين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وزير خزاني کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته هو انڌي پرائيويٽائيزشن جو بيان ڏي. ان سان شاهي فرمان جاري ڪرڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا. هن چيو ته 77سالن کان وٺي ملڪ تي ظالم حڪمران عوام کي صحت تعليم ۽ ٻين بنيادي ضرورتن کان محروم ڪيو آهي انهن جي ڪري برين ڊرين ٿي رهيو آهي. ناجائز ٽيڪس ۽ بنيادي ضرورتن جي عدم دستيابي جي وجه کان پڙهيل لکيل ماڻهو ملڪ ڇڏڻ جي چڪر م 119 فيصد اضافو ٿيو آهي. حڪمرانن جي ناڪام پاليسي سبب ملڪ جي 3ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن .