فلاحي اسپتالن تي ٽيڪس جي حمايت

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪميٽي فلاحي اسپتالن تي سيلز ٽئڪس جي حمايت ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ قبرن تي ٽئڪس جي گونج ٻڌي وئي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس  سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ناڻي واري وزير کي اجلاس م گهرايو وڃي. سينيٽر انوشي رحمان سوال ڪيو ته ڇا قبر تي به ٽئڪس لڳائي پئي وڃي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن قبر تي به ٽئڪس لڳندي، اڃا آءِ ايم ايف کي خبر ناهي، ڪراچيءَ ۾ قبر کوٽڻ واري تي به ٽئڪس لڳندي. هر شيءِ تي آءِ ايم ايف جي دٻاءُ هيٺ ٽئڪس لڳائي پئي وڃي.  سينيٽر اخونزاده چٽان چيو ته فاٽا ۽ پاٽا ۾ ٽئڪس ڇوٽ جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، ايف بي آر فاٽا ۽ پاٽا کي ٽئڪس ڇوٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪري ٿي، انهن علائقن کي صنعتڪاري ڏني وڃي. فاٽا ۽ پاٽا لاءِ 5 سالن جو منصوبو ٺاهيو وڃي. ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته ٽئڪس ڇوٽ جو فاٽا کي ڪو به فائدو نه آهي، ان  جو فائدو رڳو ٿورن ماڻهن کي آهي. انوشي رحمان ايف بي آر عملدارن کان سوال ڪيو کليل کير ۽ ڪڪڙ جو ڇا ريٽ آهي، جنهن تي هو اگهه نه ٻڌائي سگهيا. ان تي انوشي رحمان چيو ته بازارن م وڃي اگهن بابت ڄاڻ وٺندا ڪيو، جڏهن توهان به اهي شيون نه وٺي سگهندا ته توهان کي احساس ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.