ڇا چين CPEC معاملي تي پاڪستان کان ناراض آهي؟

تحرير: سليم صافي

چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي وزير ۽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر، ليو جيان چائو، ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان آيل آهي. ھو هڪ تجربيڪار سفارتڪار ۽ سياستدان هجڻ سان گڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اهم ماڻهن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. سندس هن دوري کي وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاملن جو فالواپ سمجهيو پيو وڃي.

ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نمائندي هئڻ ڪري، هو پاڪستان ۾ غير سرڪاري ماڻهن سان ملاقات ڪري اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿو. سندس دوري جي شروعات تي پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ يائوڊونگ، ساڻس خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ پاڪستان طرفان سينيٽر سليم مانڊوي والا، ڊاڪٽر مليحه لوڌي، سهيل محمود (اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري)، نغمانه هاشمي (چين ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير) ڊاڪٽر ظفر نواز جاسپال ۽ مون طالب علم کي دعوت ڏني وئي. جڏهن ته وزير سان گڏ آيل وفد جي ميمبرن کان علاوه سفارتخاني جا عملدار به موجود هئا.

وقت بھ ڪافي هو ۽ اتي ٻين سفيرن جي ڀيٽ ۾ليوجيان چائو،چٽي نموني گفتگو ڪري رھيو ھو، ان ڪري ملاقات ڏاڍي مزيدار رهي ۽ ڪيترن ئي معاملن تي چين جي موقف کي سمجهڻ جو موقعو مليو. اسان بھ کيس گھڻو ٻڌو ۽ هن بھ اسان کي تسلي سان ٻڌو. سي پيڪ ۽ چين پاڪستان لاڳاپن تي تھ ڳالهه ٻولهه ٿيڻي ئي هئي، وچ ۾ آمريڪا، روس ۽ يورپ سان چين جي لاڳاپن جا موضوع به بحث هيٺ آيا ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيو.

هن جي گفتگو مان اندازو ٿيو ته چيني نھ تھ انھن معاملن تي ڳالهائين ٿا ۽ نه ئي سوچن ٿا، جن تي اسان وٽ بحث جاري آهن. اسان پاڪستاني تھ آمريڪا ۽ چين جي ڇڪتاڻ تي پڻ گھڻو پريشان آهيون، پر چيني پاڻ مطمئن آهن ۽ پنهنجي طريقي سان چڱي تياري ڪري چڪا آهن.

هن چيو ته اسان جو نعرو فتح نه پر ڪاميابي آهي. فتح ۾ توهان ٻين تي غالب ٿيڻ جي سوچ رکو ٿا،جڏهن ته ڪاميابي ۾ توهان صرف پنهنجي ڪاميابي جو سوچيو ٿا ۽ اها ئي اسان جي ڪاميابي آهي. اهڙي طرح” بي آر آءِ منصوبي“ بابت هن چيو ته اسان گڏيل خوشحالي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ جن ملڪن سان بھ لاڳاپا رکون ٿا، انهن  بنيادن کي سامھون رکندا آھيون

اسان جي گروپ ۾ مون کان سواءِ ٻيا سڀ توريل تڪيل ماڻهو هئا، سفارتي انداز ۾ ڳالهائڻ وارا  هئا، تنهن ڪري هنن تمام سٺيون صلاحون پڻ ڏنيون ۽ سوال بھ پڇيا، پر مون پنهنجي راءِ جي اظهار ڪرڻ بجاءِ پاڻ سوالن تائين محدود رھيس ۽ اهو به نهايت سهڻي انداز ۾ . مون کين چيو ته اڳي رڳو ٻاهر  پروپئگنڊا ٿي رهيو هو ۽ هاڻي ملڪ جي اندر به ڪجهه حلقن طرفان اهو تاثر ڦهلجي رهيو آهي ته چين پاڪستان جي ڊيلنگ ۽ بيوروڪريٽڪ نااھلين ۽ رڪاوٽن کان تنگ ٿي ويو آهي. پاڪستان جي رفتار چين جي رفتار سان ميچ نه ٿي ڪري.

سيڪيورٽي جا مسئلا ان کان علاوه آهن. ان ڪري چين ۾ اها سوچ ڦهلجي رهي آهي ته سي پيڪ کي رول بيڪ ڪيو وڃي يا ان وري سرد خاني ۾ وجھي ڇڏجي ۽ شايد ان ڪري ئي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي ڪم جي شروعات ناهي ٿي سگھي. منهنجو سوال ٻڌي ليوجيان چائو، ھلڪو مسڪرائي رهيو هو ۽ پوءِ چوڻ لڳو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. چين ۾ ڪا ٻي سوچ نھ پئي سوچي وڃي.چينين جي ھڪڙي سوچ  آهي ته پاڪستان ھڪ آزمايل ۽ هر موسم جو دوست آهي. چين ۾ پاڪستان بابت ٽن معاملن جو ذڪر ٿئي ٿو. پهريون ھي ته پاڪستان هڪ بااعتماد دوست ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي. ٻيو اھو ته اتي امن امان جي صورتحال اطمينان بخش نه آهي ۽ ٽيون ته اتي سيڙپڪاري هڪ رسڪي ڪم آهي، پر انهن سمورين حقيقتن جي باوجود اسان سي پيڪ شروع ڪيو آهي ۽ پاڪستان سان ملي ڪري ان منصوبي کي هر صورت ۾ اڳتي وڌائبو.

اها پريشاني  پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي خبر آهي ته ڪٿان ڪٿان کان اهي مسئلا کڙا ڪيا پيا وڃن.  انهن مشڪلات جي باوجود اسان سي پيڪ شروع ڪيو آھي ۽ ساڳئي جذبي سان مڪمل ڪنداسين، سي پيڪ يا پاڪستان کان پوئتي ھٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هڪ طرف پاڪستان صرف دوست نه پر هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ته ٻئي طرف سي پيڪ(بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو) جو فليگ شپ پروجيڪٽ آهي. ان تي قابو پائڻ لاءِ اسان ٻئي ملڪ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن مذاق ڪندي چيو ته اڄ مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي لاءِبھ  سيڪيورٽي جو غير معمولي انتظام ڪيو ويو ھو. وزيراعظم شهباز شريف جي دوري کانپوءِ هاڻي آئون آيو آهيان، جڏهن ته اسان ٽاسڪ فورس ٺاھي ڇڏي آھي.جيڪا فيزٽو تي پاڪستان سان  تعاون کي بهتر بنائڻ لاءِ جلد پاڪستان ايندي، بهرحال هن هڪ ٻئي حوالي سان اھا ڳالھھ چئي ته چين جيڪڏهن ترقي ڪئي آهي ته ان جو سبب سياسي استحڪام آهي ۽ (پاڪستان کي به ترقي لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي). آمريڪا جي معاملي ۾ ھن  ھڪ سٺي ڳالھھ اھا ڪي تھ روس ۽ اسان جي ھم آھنگي وڌيڪ آھي.اسرندڙ ۽ آسيان ملڪن جي وڏي انگ سان اسان جا لاڳاپا سٺا آھن جڏھن تھ يورپ جا ڪجهه ملڪ به آمريڪي اثر کان ڌار ٿيڻ چاهين ٿا.

اهي مسٽر ليون جيان چائو، جي گفتگو جا بنيادي نڪتا ھئا، پر ٽن ڪلاڪن جي ملاقات مان مون کي جيڪو  تاثر مليو اھو ھيئن آھي  ته چيني، سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان بلڪل يڪسو آهن. انهن لاءِ سي پيڪ ئي نه پر  بي آر ٽي،جو هڪ فليگ شپ منصوبو ناھي بلڪھ هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو پڻ آهي. هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر هجڻ جي حوالي سان چيني، پاڪستان کي ڪنھن بھ صورت ۾ اڪيلو ڇڏڻ نٿا چاهين.

بھرحال  پاڪستان ۾ CPEC جي معاملي تي جيڪا سياست ڪئي وڃي ٿي ان کي اھي پسند نٿا ڪن. هو ان کي ڪنهن ھڪ پارٽيءَ جو نه پر پاڪستان جو منصوبو ڏسڻ چاهين ٿا. اهڙي طرح اهي پاڪستان جي بيوروڪريٽڪ ڪلچر کان به تنگ آهن.سيڪيورٽي جي صورتحال انهن لاءِ هڪ وڏي ڳڻتي جو سبب آهي. اهڙي طرح اهي پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام تي پريشان آهن ۽ سياسي استحڪام جا خواھشمند آھن، پر ان جو ڪنھن بھ ريت مطلب اهو ناهي ته هو سي پيڪ يا پاڪستان سان لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. هڪ مخلص دوست وانگر، ھنن جي تڪليف رڳو اھا آھي تھ جنهن رفتار سان پنهنجي ملڪ ۾ منصوبا مڪمل ڪن ٿا، اھڙي ريت اھي سي پيڪ تي به ڪم چاهين ٿا ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ جنھن اسپيڊ ۽ جنھن انداز کي انھن اختيار ڪيو آھي،  اهو ئي هو پاڪستان ۾ به چاهين ٿا. پر CPEC يا پاڪستان تان ھٿ کڻڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

 

.پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام تي پريشان آهن ۽ سياسي استحڪام جا خواھشمند آھن، پر ان جو ڪنھن بھ ريت مطلب اهو ناهي ته هو سي پيڪ يا پاڪستان سان لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. هڪ مخلص دوست وانگر، ھنن جي تڪليف رڳو اھا آھي تھ جنهن رفتار سان پنهنجي ملڪ ۾ منصوبا مڪمل ڪن ٿا، اھڙي ريت اھي سي پيڪ تي به ڪم چاهين ٿا ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ جنھن اسپيڊ ۽ جنھن انداز کي انھن اختيار ڪيو آھي،  اهو ئي هو پاڪستان ۾ به چاهين ٿا. پر CPEC يا پاڪستان تان ھٿ کڻڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.