جڏھن لياقت جتوئي رپورٽر کي فارغ ڪرڻ جي فرمائش ڪئي

تحرير: عاجز جمالي

سنڌ اسيمبليءَ  کي گذريل ٽيھارو سالن کان انتھائي ويجھڙائپ کان ڏٺو آھي، ھڪ اڌ سال ڇڏي مان لاڳيتو سنڌ اسيمبليءَ  جو اجلاس رپورٽ ڪندو رھيو آھيان ،سنڌ ۾ جھڙيءَ ريت پيپلز پارٽي گذريل سورھن سالن کان سرڪار ھلائي پئي ان دؤران کيس منھن ڏيڻ لاءِ  سنڌ ۾ اھڙي مخالف ڌر ئي نه ملي آھي جيڪا پيپلز پارٽي کي ڀرپور نموني سان منھن ڏيئي سگھي ، ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ جيڪا مخالف ڌر اسان گذريل سورھن سالن ۾ ڏٺي سا ڪڏھن به ڪراچيءَ  کان ٻاھر نڪري نه سگھي آھي بلڪه سندس سوچ جو دائرو ڪراچيءَ  جي به ڪجھه ضلعن تائين محدود آھي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ھن ڀيري جي ڊي اي به ناھي ، گذريل ڀيري جي ڊي اي، پي ٽي آءِ  ۽ ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ ھڪ گڏيل مخالف ڌر ھئي وٽن عددي انگ به ججھو ھئو پر مخالفت ۾ گوڙ گھڻو ھئو پر جھڙي ريت پارلياماني سياست ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ھوندو آھي سياسي طور ۽ فني طور اھو ڪردار ادا نه ڪيو ، فني طور پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي جي واحد پارٽي آھي جيڪا مخالف ڌر ۾ ھوندي به حڪومت کي ڏاڍو پريشان ڪندي رھي.

مون 1997 ۾ لياقت جتوئي جي سرڪار ۾ سنڌ اسيمبليءَ  جو ھڪ ھڪ ڏينھن رپورٽ ڪيو ، تڏھن مان اخبار لاءِ  روزانو پريس گئلري مان تفصيلي ڊائري به  لکندو ھوس، 1997 کان 1999  تائين مون جيڪا مخالف ڌر ڏٺي ان حڪومت کي اھڙو ته تپايو ھئو جو کوڙ مامرن تي حڪومت جان ڇڏائي ڀڄي ويندي ھئي.

نثار احمد کهڙو مخالف ڌر جو اڳواڻ ھئو ته پير مظهرالحق نائب اڳواڻ ھئو ،  ھن ٻن ماڻھن جو اسيمبلي ۾ عاليشان ڪردار ھوندو ھئو ، پير مظهرالحق ته وڏي وزير لياقت جتوئي خلاف تمام گھڻو ڳالھائيندو ھئو ،ان ئي دور ۾ پير مظهرالحق  نوري آباد ڀرسان اغوا به ٿي ويو ھئو ، سندس ڪٽنب وڏي وزير لياقت جتوئي تي اغوا جو الزام ھنيو ھئو ،  نه رڳو اھو دور پر2002  کان وٺي 2007 تائين به سنڌ اسيمبليءَ  ۾ پيپلز پارٽيءَ  اھڙي ته اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪيو جو سرڪار پريشان ھوندي ھئي.

خير لياقت جتوئي سرڪار جي ڳالهھ پئي جڏھن مان سنڌي ٻوليءَ  جي اخبار ۾ روز ڊائري لکندو ھوس جيڪا عام طور تي سرڪار ۽ وڏي وزير جي خلاف وڃي رھي ھئي. ھڪ ڏينھن ھيئن ٿيو جو اخبار جي مالڪ پنھنجي گھر تي وڏي وزير جي اعزاز ۾ رات جي ماني رکي، ان دعوت ۾ وڏي وزير اخبار جي ايڊيٽر کان فرمائش ڪئي ته اوھان وٽ ھڪ رپورٽر جمالي آھي انھي کي ته اخبار مان موڪل ڪرايو ، جنھن تي علي قاضيءَ  کيس جواب ڏنو ته سائين اسان سرڪار وانگر ٽرانسفر پوسٽنگ نه ڪندا آھيون ،

بعد ۾ ھڪ ڏينھن ايڊيٽر صاحب مون کي گھرائي اھا ڳالھه به ٻڌائي ۽ اھو به چيو ته. ھلڪو ھٿ رکينس. مون کيس چيو سائين ٺيڪ آھي پر اسيمبلي ۾ اپوزيشن ايتري حاوي ھوندي آھي جو سرڪار چري نه سگھندي آھي مان ڇا ڪريان. سو اڳي اسيمبليءَ  ۾ ڪمال جي اپوزيشن ھوندي ھئي، مخالف ڌر اسيمبليءَ  کي قانون مطابق ھلڻ تي مجبور ڪندي ھئي.

اڄ جڏھن مان اسيمبليءَ  ۾ اپوزيشن ڏسندو آھيان ته مون کي لڳندو آھي ته سرڪار کي ڪو چئلنج ڪرڻ وارو آھي ئي ڪونه ، ڇو ته مخالف ڌر جو ڪم رڳو گوڙ ڪرڻ نه آھي پر سرڪار کي عوام جي حق ۾ قانون سازي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ به آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.