لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي آمد ملڪ جي سابق وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 71 سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پهنچ ويو صدر آصف علي زرداري ڀٽو خاندان جي شهيدن جي قبرستان تي حاضري ڀري شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊي ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر صاحبه ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا،بعد ۾ نئون ديرو هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو،تقريب ۾ فريال ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، آصف زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جمهوريت جي علامت هئي، مان سياست شهيد بينظير ڀٽو کان سکي، هن جو شاگرد آهيان،محترمه پارٽي ۽ عوام لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها فخر جوڳي آهي،اسان شهيدن جو مشن مڪمل ڪنداسين،