راولپنڊي (م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليوجيان چائو جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن علاقائي امن و استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ-چين اقتصادي راهداري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. آرمي چيف چين سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم کي ورجايو ۽ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جي هڪ اهم منصوبي سي پيڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ مڪمل حمايت جو واعدو ڪيو. چيني وزير ليوجيانگ چائو جو چوڻ هو ته چين ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ڪامياب ملاقاتن بعد پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سي پيڪ تي حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.