ڪراچي مواڇ ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي پورهيت قتل

حب (يار محمد بروهي)ڪراچي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو.پوليس موجب مقتول نوجوان گهر  ٻاهران موبائل فون استعمال ڪري رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڦرلٽ موبائيل فون ڦري ويا ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.شهر ۾ هلندڙ سال ڦر جي مزاحمت سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 78 ٿي ويو آهي.پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ محمد سرور ولد محمد انور جي نالي سان ٿي آهي، واقعو موڇ موري جي علائقي ڀرسان پيش آيو، شروعاتي طور واقعو ڦرلٽ جو واقعو لڳي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.