ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. شهر جي علائقن نارٿ ڪراچي،نارٿ ناظم آباد،نيو ڪراچي،ايئرپورٽ،ملير،گلشن اقبال،گلستان جوهر،گارڊن ۽ لياري سميت مختلف علائقن ۾ به برسات پئي. صدر ۽ اولڊ سٽي جي علائقن ۾ هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽس موجب لياقت آباد سي ون ايريا ۽ سرجاني ۾ بارش بعد بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.