عوامي آوا ز جي رپورٽرن کي هراسان ڪرڻ جا وڌندڙ واقعا

رپورٽون آهن ته عوامي آواز ميڊيا گروپ بدين جي سينئر رپورٽر ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ضلعي بدين جي عهديدار رازق ڏنو کوسو کي گارگند ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. ٽيون ڏينهن ڪنهن اڻ ڄاتل شخص موبائيل تي فون ڪري رازق کوسي کي ڌمڪيون ڏنيون. رازق کائنس پڇيو ته هو ڪير آهي ۽ ڇو ٿو گاريون ۽ ڌمڪيون ڏي تنهن تي اڻ ڄاتل شخص کيس ساڳيون گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون. رازق کوسي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گارگند ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ شخص جو نمبر هن محفوظ ڪري ڇڏيوآهي ۽ جلد قانون موجب ان شخص خلاف ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏني ويندي. هوڏانهن حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صحافين ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته رازق ڏني کوسي کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔

اهي به رپورٽون آهن ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ ۽ ٻين گهر ڀاتين تي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ جو دٻاءُ پڻ وڌي رهيو آهي. اهڙو انڪشاف شهيد نصر الله جي امڙ ميرپورماٿيلي جي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڪيو آهي. جنهن لاءِ ڪورٽ پاران ايس ايس پي گهوٽڪي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هونئن ته سچ ۽ حق لکڻ تي هر دور ۾ صحافين تي اهڙا عتاب نازل ٿيندا رهيا آهن پر جڏهن کان عوامي آواز ميڊيا گروپ سردارن، جاگيردارن، ڀوتارن خلاف آگاهي مهم هلائي آهي تڏهن کان عوامي آواز جي رپورٽرن کي هراسان ڪرڻ وارو معاملو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.

حقيقت ته اها آهي ته صحافت جي پيشي جو جيڪڏهن ٻيو ڪو نالو رکجي ته اهو سچ ۽ حق ئي هوندو ۽ سچ ۽ حق هر دور ۾ بدي جي طاقتن چٿيو آهي. اهڙن واقعن سان سڄي تاريخ ڀري پئي آهي. سقراط کان منصور حلاج ۽ منصور حلاج کان شهيد نصرالله گڏاڻي ۽ رازق ڏني کوسي جي شڪل ۾ هر دور ۾ حق ۽ سچ ڳالهائيندڙن کي سختيون برداشت ڪرڻيون پيون آهن ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو آهي پر پوءِ به هر دور ۾ حق ۽ سچ جو آواز ختم ناهي ٿيو ۽ نه ئي ٿيڻو آهي. بظاهر هر دور ۾ ظالم طبقو حاوي رهيو آهي، سندس ظلم قائم رهيو آهي پر تاريخ ۾ وري ظلم ۽ ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ئي سرخرو ٿيا آهن. اهو تاريخ جو دستور رهيو آهي.

اسان شهيد نصر الله گڏاڻي جي گهرڀاتين ۽ رازق ڏني کوسي صاحب کي به اهو ئي چونداسين ته حق ۽ سچ جي آواز کي قائم رکڻو آهي ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي سرخرو رکڻو آهي. ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت  تي ڪمپرومائيز ناهي ڪرڻو. اصل ۾ سنڌ جي تاريخ ئي اهڙي آهي سنڌ جي دشمنن سان مهاڏو اٽڪائڻ هر دور ۾ جوکم جو ڪم رهيو آهي. شيخ اياز صاحب به چيو هو ته ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم ڪاريهر تي ڄڻ پير رکيم“. سو سنڌ دشمن اسان لاءِ ڪاريهر جو نانگ آهن. انهن جي مفادن ۽ ڏاڍاين تي پير رکبو ته اهي ڪاريهر نانگ بڻجي ڏنگ هڻي وجهندا جيڪو اهي ڪندا آيا آهن ۽ ڪندا رهندا.

ٻئي پاسي وري سنڌ دوست ۽ محبت وطن ڌريون به ڀلا ڪيئن سنڌ کپائڻ ڏينديون، سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي ڪيئن قبضو ڪرڻ ڏيندا. اهي ته سنڌ جي حق ۾ دشمن طاقتن کي للڪاريندا رهندا. عوامي آواز ميڊيا گروپ ۽ ان جي رپورٽرن جو به اهو ئي ڏوهه آهي ته اهي سنڌ دشمن عملن جي خلاف آواز اٿاريندا رهندا آهن جنهن سبب اهو ميڊيا گروپ هميشه سنڌ دشمن طاقتن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻيل رهيو آهي.

ان معاملي ۾ اصولي طور تي اهو حڪومت جو فرض آهي ته اها مجموعي طور تي عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري ۽ ان فرض جي ادائيگي ۾ صحافين جو تحفظ به شامل آهي. ميڊيا جي ته حيثيت وري حڪومت جي سطح جي آهي.ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ سمجهي ويندي آهي سو حڪومت کي گهرجي ته اها به ميڊيا کي اهو ئي مان مرتبو ڏئي جيڪو ان جو قانوني حق آهي. ان معيار تحت صحافين جي جاني تحفظ جي ذميواري حڪومت جي آهي جنهن کان اها انڪار به ناهي ڪندي پر عملي طور ڏسجي ته حڪومت صحافين کي بهرحال يقيني تحفظ ناهي ڏئي سگهي. هاڻي به هڪ نه ٻن ڏينهن کان پوءِ صحافين جا قتل ٿي رهيا آهن. حڪومت قاتلن جي گرفتاري جو اعلان ته ڪندي آهي. پر افسوس ته قاتل گرفتار ناهن ٿيندا باقي صحافي لاڳيتو قتل ٿيندا رهيا آهن. تنهنڪري حڪومت کي ان حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي.

ايئن به ناهي ته صحافين جا قتل اوچتو ٿيندا آهن. انهن کي به بدين جي رپورٽر رازق ڏني کوسي وانگر پهريون ڌمڪيون ملنديون آهن ۽ ڌمڪين واريون اهي خبرون به ميڊيا تي اينديون آهن پر حڪومت کي جنهن سختي ۽ برجستگي سان انهن جو نوٽيس وٺڻ کپي تيئن ان جو نوٽيس ناهي ورتو ويندو. اهڙيون موتمار ڌمڪيون شهيد نصرالله جي گڏاڻي کي به ملنديون هيون، اسان جي ضلعي ٺٽي جي رپورٽر الياس سمون کي به ايئن ڌمڪيون ملنديون هيون ۽ هاڻي بدين جي رازق ڏني کوسي کي ملي رهيون آهن اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته بدين جي مقامي انتظاميا پاڻ سنڌ جي هڪ سينئر رپورٽر سان کيس مليل ڌمڪين تي رابطو ڪيو ۽ ساڻس هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريو جهن سبب رازق ڏنو کوسي کي فون تي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار پاڻ ظاهر ٿيو ۽ ايوان صحافت ۾ پهچي ڪري رپورٽر کان ۽ ايوان صحافت کان معافي ورتي آهي. ايئن حڪومت کي گهرجي ته نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس مان هٿ ڪڍڻ لاءِ شهيد جي امڙ ۽ سندس گهر ڀاتين کي جيڪي ڌمڪيون ملي رهيون آهن تن جو به سخت نوٽيس وٺي انهن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. شهيد نصرالله جو ته هونئن به عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. تنهن ڪري شهيد جي امڙ ۽ وارثن جي جاني تحفظ لاءِ مقامي انتظاميا کي سخت انتظام ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.