ڪرامت علي ھڪ سچو پورھيت اڳواڻ

تحرير: اسحاق سومرو

ڪرامت علي پاڪستان جي کاٻي ڌرسان تعلق رکندڙ، مزدور جي حقن، خطي ۾ امن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ، هر وقت سرگرم۽ سفر ۾ رهندڙهڪ متحرڪ ڪردارھو. سندس والدين  ملتان جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندس والده ۽ ڀينرهوم بيسڊ ورڪرهيون. هن خاندان ابتدائي ڏينهن ۾ ڏکي زندگي گذاري. والده جو تعلق مشرقي پنجاب جي گرداسپور واري علائقي سان هو. سندس والد شيعو ۽ والده سني فرقي سان لاڳاپيل هئا.والد، ڪرامت علي کي صلح جي والده وري مزاحمت جي تربيت ڏني.

ڪرامت علي جي زندگي جو احوال، ترقي پسند دانشور ڊاڪٽرجعفراحمد ڪيترائي ڪلاڪ طويل رڪارڊ ٿيل گفتگوکي اردو ۾ ”راه گذر تو ديکهو“ جي نالي سان شايع ڪرايوآهي، جيڪو ڪراچي ۾ قائم ٿيل هڪ متحرڪ ترقي پسند ۽ عوام دوست وزن سان قائم ڪيل تحقيقي اداري انسٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ سوشل ريسرچ پاران شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ڪرامت علي جي 60 سالن کان جاري جدوجهد، تجربن، مشاهدن توڙي ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن جو احوال سٺي نموني سان قلمبند ڪيل آهي.انٽرويو جي شڪل ۾ مرتب ڪيل هي ڪتاب ڪرامت صاحب جي سوانح حيات ته نه آهي پر هن جي تجربن ۽ مشاهدن جو تفصيل سان احاطو ٿيل آهي.جڏهن ته ڪتاب ۾ سندس ذاتي زندگي جو جزوي ذڪر ڪيل آهي.

ڪرامت علي جي سياسي زندگي جي شروعات ڪاليج واري زماني کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ايوب خان جوسٺ واروڏهاڪو هو. کيس ڪراچي کان شهر بدر ڪيو ويو.انهيءَ دوران  سندس سياسي تربيت، جيل جي صعوبتن کيس سياسي ورڪر۽ مزدور دوست بڻائي ڇڏيو.ملتان جي پبلڪ لائبرري ۾ ويهي پڙهيل خاص طور تي تي ترقي پسند ادبي، سياسي ڪتابن سندس سوچ تي گھرو اثر ڇڏيو. پاڪستان جي سياسي  تاريخ ۾ اهو سٺ وارو ڏهاڪوهونئن به اهم سمجهيو ويندوآهي.انهي دور ۾ شاگرد جدوجهدون، مزدوريونين جوٺهڻ،شهري آزادي لاءِ جاکوڙ، 1967 ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جوقيام ان ڏهاڪي جا وڏا واقعا هئا جن اڳتي هلي ملڪي سياست ۾ خاص طور تي کاٻي ڌر جي اثر کي نمايان ڪيو.

ڪراچي جي ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ تعليم دوران اتان جي نامياري استاد انيتا غلام علي جي سوچ جو مٿس گهرو اثر ٿيو. جيڪا پاڻ به سياسي طور تي سرگرم رهندي هئي. انهيءَ وچ ۾ هن پاڻ فيڪٽري مزدور طور عملي زندگي جو آغاز ڪيو، ان سان گڏ ليبر يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصوورتو، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ روپوشي ۽ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتاري، کيس سياست جي ميدان ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو.

ڪرامت علي تي لکيل هن ڪتاب ۾1962ع کان 1979ع تائين جي سترهن سالن جي ملڪي سياسي وايومنڊل جو سربستو احوال ملي ٿو.جنهن ۾ جمهوريت تي راتاهن،ڊڪٽيٽرن طرفان فوجي راڄ ذريعي عوام تي آمرانا حڪومت ڪرڻ جو احوال پڻ تفصيل سان ملي ٿو.اهڙين بد ترين حالتن ۾ڪرامت علي ۽ سندس ساٿين جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪرامت علي چواڻي ته 1970 ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو ته کاٻي ڌر جيڪا خاص طور تي مائوسٽ فڪر جي هئي انهن اليڪشن حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو۽ چيو ته هوانقلاب آڻڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن ان اليڪشن ۾ ڪامريڊ حصو وٺن ها ته پيپلز پارٽي کان 30 کان 40  ڄڻن کي ٽڪيٽون ملن ها ۽ اليڪشن به کٽي پي سگهيا. ڪرامت علي جو هي انٽرويوتي ٻڌل هن ڪتاب، جنهن ۾ ماضي جي يادن، مشاهدن، تجربن جيڪي اڄ جي ماضي جي تاريخ آهن، کي سندس ئي زباني پيش ڪيو آهي،هي هڪ زباني تاريخ آهي جيڪا ڪتابي صورت ۾ ٻڌائي وئي آهي.

ڪرامت علي1979ع انٽرنيشنل مارڪسٽ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ورڪرزايسوسيئشن قائم ڪئي، جنهن جو مقصد ليبر موومينٽ کي معاشري ۾بنيادي تبديلي جي ڪم سان ڳنڍيو وڃي.جتي اهڙو معاشرو هجي جنهن ۾ محنت ڪرڻ وارن کي پنهنجي پورهئي جو صحيح معاوضو ملي. انهن جا مڙئي بنيادي حق ۽ سهولتون، معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم هجي جيڪا انصاف واري معاشري جي مکيه گهرج آهي. ڪرامت علي 1983ع ۾ هالينڊ جي انسٽيٽيوٽ آف سوشل اسٽڊيز  مان ليبر اينڊ ڊولپمينٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.هن مزدورن لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبرايجيوڪيشن اينڊ ريسرچ (پائلر) جهڙو شاندار ادارو قائم ڪيو.جيڪو ٽن ڏهاڪن کان مزدورن جي حقن، انهن جي لاءِ قانون سازي،سندن جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي خطي جي ٻين ملڪن هندستان، بنگلاديش،نيپال،ڀوٽان مان دانشور ۽ ماهر گھرائي وڏيون ڪانفرنسون منقعد ڪرايون جنهن ذريعي اهو پيغام ڏنوته خطي ۾ جنگوازم ۾ اسان جي مسئلن جو حل نه آهي، امن ۽ نيوڪليئرفري زون ئي پائيدار امن لاءِ ضروري آهي.

ڪرامت علي نامياري سياسي اڳواڻ ميرغوث بخش بزنجي سان ويجهو رهيو. صادقين سان گڏ ڪم ڪيائين کائنس کان تمام گھڻو سکيو. فيض احمد فيض، حبيب جالب، پروفيسر ڪرار حسين، ٽوني بين، سوڀوگيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر اختر حميد خان، جسٽس دوراب پٽيل، ايم بي نقوي، بي ايم ڪٽي، عثمان بلوچ، مرزا ابراهيم، نبي احمد، راحت سعيد، غلام ڪبريا، فرحت سعيد  سان به سندس ويجهي قربت رهي، جن وٽان کيس تاريخ، مارڪسزم،ڪميونسٽ موومينٽ، انقلاب روس متعلق پڙهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. پائلر جي پليٽ فارم تان ڪرامت علي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪستان ۽ هندستان وچم امن ۽ جنگين کان پاڪ ماحول لاءِ پڻ جاکوڙيندو رهيو. هن هندستان جي نامياري سوشل ورڪر،سياستدان، نرملاديش پانڊي سان ٻنهي ملڪن ۾ دوستي ۽ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. جيڪا راجيه سڀا جي ميمبر هئي، نرملاديش  سکن خلاف فسادن، بابري مسجد، ايٽمي ڌماڪن جي مخالفت ڪئي، ڪيترائي دفعا پاڪستان پڻ آئي. هن وصيت ڪئي ته ان جي رک کي پاڪستان جي دريائن ۾ وهايو وڃي، ڪرامت علي سندس آخري وصيت کي پوروڪندي نرملا جي رک کي ساڌ ٻيلي وٽ سنڌو جي لهرن حوالي ڪيو.

ڪرامت علي مارڪسي خيالن ۾ پڪو ۽ پختو ھو. آهي. سندس چواڻي ته اسان کي پنهنجي سماج کي سمجهڻ لاءِ، ان جو تجزيو ڪرڻ لاءِ مارڪسزم کان ڀرپور رهنمائي وٺڻ کپي.جمهوريت جو استحڪام تمام ضروري آهي.سماجي انصاف، غربت جوخاتمو شرف انسانيت جي بحالي ۽ ان کي روشن خيالي سان همڪنار ڪرڻ لاءِ لازمي عقليت پسندي ۽ سائنسي طرز فڪرجي حامل هئڻ کپي.

ڪرامت علي جو شروع کان ئي تعلق  کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف)سان هو،انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ جماعت اسلامي جي زيلي تنظيم جمعيت جو راڄ هوندو هو. يونيورسٽي جي ڪنوينشن دوران  جمعيت جي شاگردن ڪرامت علي جو گهيرو ڪري کيس وڏي پٿر سان مارڻ  پئي چاهيو ته ان وقت ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ايس اين ايس ايف جي سرگرم ميمبرياڻين مهنازرحمان ۽ نسرين ٽالپر(ڌي ميرعلي احمد ٽالپر)  رڙيون ڪري حملي آورن کي ڀڄائي ڪڍيوجنهن سان ڪرامت علي جي جان بچي وئي.

ڪرامت علي چوندو ھو  ته مارڪسزم ڪو عقيدو نه آهي. اسان وٽ وڏي مصيبت آهي ته، اسان يا ته ڪنهن به شيءِ کي بلڪل نه مڃون يا هر شئي کي عقيدو بڻائي ڇڏيون، عقيدي تي غور ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هوندي آهي اکيون بند ڪري يقين ڪيو ويندو آهي. هتي به مارڪسزم کي عقيدي وانگر ورتو ويووري ان جا فرقا بڻجي ويا وري ان جا ملا ٺهي ويا.جڏهن ته ماڪسزم پنهنجي اردگرد کي سمجهڻ لاءِ هڪ مناسب ۽ ڪارآمد سائنٽفڪ ٽول آهي جنهن کان رهنمائي ورتي وڃي.

ڪرامت علي جي پهرين شادي سندس ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ اصغري جيلاني سان 1970 ۾ ٿي، ٻي شادي مشهور ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماني سان1976۾ ٿي. شيما ڪرماني پڻ کاٻي ڌر جي انهن ڏينهن ۾ سرگرم ڪارڪن هئي جنهن سان گڏ ڪرامت علي ڪجهه عرصو لنڊن ۾ پڻ گذاريو.ڪرامت علي دنيا جي ڪيترن ملڪن جن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، ڪوپن هيگن،فرانس، ۾عالمي ڪانفرنسن، سيمينارن، ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. هن جي فلسطين جي گوريلا ۽ هوائي جهاز کي اغوا ڪندڙ خاتون ليلي خالد سان پڻ ملاقات ٿي جنهن کيس پنهنجو هاءِ جيڪنگ تي لکيل ڪتاب آٽوگراف سان ڏنوجنهن تي کيس لنڊن جي ايئرپورٽ تي ڇهن ڪلاڪن تائين روڪي رکيوويو، محض انهيءَ ڪري ته  وٽانس ليلي خالد جو آٽوگراف مليل ڪتاب برآمد ٿيو هو. ڪرامت علي 78 سالن جي عمر ۾ پارڪنساز جھڙي موضي بيماري سبب ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ گذاري ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.