آصفه ڀٽو ايوان ۾ ڇانيل، وڏي وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جا ٽهڪڙا

تحرير: محمد علي نقرچ

سنڌ حڪومت جي مالي سال 25/2024 جي بجيٽ تي بحث واري سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾  هڪ ڏينهن جي غير سنجيدگي کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي حڪومتي ڌر جي حاضري ۾ سنجيدگي نظر آئي، بجيٽ جي پهرين ڏينهن اجلاس شروع ٿيو ته 10 ميمبر به مشڪل سان ايوان ۾ رهيا، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ٻئي ڏينهن تي ڪورم جيترا ميمبر موجود رهيا، اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل بجيٽ اجلاس ۾ بحث کان اڳ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جي بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ واري قرارداد  منظور ڪئي وئي، ان کانپوءِ بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪئي وئي، بجيٽ تي بحث جي ٻئي ڏينهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سمورا ڪابينا جا ميمبر توڙي آفيسرز گئلري به ڀريل نظر آئي جيڪا بجيٽ بحث جي پهرين ڏينهن تي خالي نظر آئي، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته بجيٽ تي بحث جي ٻئي ڏينهن تي ايوان ۾ شهيد راڻي جي نياڻي ايم اين اي آصفه ڀٽو جي اچڻ جو پروگرام هو، آصفه ڀٽو زرداري ايوان ۾ گورنر گئلري ۾ ويهي بجيٽ تي بحث ٻڌو، ان دوران اسپيڪر، وڏي وزير سميت ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين ايم پي ايز واري واري سان گئلري ۾ موجود آصفه ڀٽو کي کلي کيڪاريو ۽ ايوان ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪئي. پ پ جا وزير توڙي ميمبر آصفه ڀٽو سان واري واري سان مليا ۽ فوٽو سيشن به ڪرائيندا رهيا، سڀني ميمبرن کي آصفه سيٽ تان اٿي بيهي جواب ڏيندي رهي.

اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه  ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري کي ڀليڪار ڪندي چيو ته بجيٽ اجلاس جي ڪارروائي ۾ سندس اچڻ تي خوشي ٿي آهي، عڪس بينظير ايوان ۾ آهي، شهيد راڻي لاءِ ٺهراءُ  پاس ٿيو آهي،   ان تي قائد ايوان وڏي وزير مراد علي شاهه به آصفه ڀٽو کي ڀليڪار ڪيو، جنهن به مراد علي شاهه ۽ عذرا پيچوهو سميت ڪابينا جا سمورا ميمبر توڙي ايم پي ايز واري واري سان گورنر گئلري ۾ آصفه ڀٽو زرداري سان ملندا رهيا، جڏهن ته صوبائي وزير علي حسن زرداري هڪ ڀيرو ٺٽي ۽ سجاول جي چونڊيل نمائندن محمد علي ملڪاڻي،  رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين سان گڏ گئلري ۾ آصفه ڀٽو زرداري کي ڀليڪار ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو واري ايم پي اي نادر اڪمل لغاري کي گڏ وٺي آيو ۽ آصفه ڀٽو زرداري سان ملرايو، جڏهن ته نادر اڪمل لغاري اڳ ۾ ئي آصفه سان ملي چڪو هو.جڏهن ته بجيٽ تي بحث دوران وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي پاڻ ۾ خوب ڪچهري ڪندا رهيا، پارلياماني معاملن وارو وزير ضياءَ الحسن لنجار به ڪچهري جو حصو ٿيندو رهيو، وقفي وقفي سان مراد علي شاهه، علي خورشيدي ۽ ضياءَ الحسن لنجار ۾ ٽهڪڙو به مچندو رهيو.

بجيٽ تي بحث دوران ڪراچي جا اشوز اٿارڻ تي مخالف ڌر جي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪستان سني ڪائونسل جي ميمبرن وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽  هڪٻئي کي خاموش ٿي ويهڻ لاءِ هدايتون ڏيڻ دوران گوڙ به ٿي ويو پر اسپيڪر سميت ڪنهن به وچ ۾ مداخلت نه ڪئي، سرڪاري ڌر جا ميمبر به تماشو ڏسندا رهيا، ان کان اڳ بجيٽ تي بحث  جي شروعات ڪندي پ پ جي روما مشتاق چيو ته بجيٽ کي  عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته اقليتن ۽ کدڙن جي ملازمتن واري ڪوٽا ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، سرڪار اقليتن جي نالي تي ڏنل شراب جي گتن جا لائسنس رد ڪري، سني اتحاد ڪائونسل جي ريحان راجپوت چيو ته سنڌ روينيو بورڊ  20 سيڪڙو به اوڳاڙي نه پيوڪري، پوءِ اهو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي، پ پ جي شاهه حسن شيرازي چيو ته شاهه بندر تعلقي ۾ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي پيو، ان ڪري سمنڊ کي بند ڏياري زمينون بچايون وڃن، عوام لڏپلاڻ تي مجبور آهي، هن چيو ته واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائي پاڻي ٽيل تائين پهچايو وڃي، متحده جي جمال احمد چيو ته آصفه ڀٽو جي موجودگي ۾ ڪراچي جوڪيس وڙهان ٿو، اميد آهي ته کٽي ويندس، ڪراچي جا بنيادي مسئلا پاڻي، صحت ۽ تعليم جا آهن اهي حل ڪيا وڃن،  پ پ جي مخدوم فخرالزمان چيو ته مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، مخدوم طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڀٽ شاهه هاءِ اسڪول جا منصوبا مڪمل ڪيا وڃن، پ پ  جي مليحه منظور، ندا کهڙو، ريحانا لغاري، سجيلا لغاري، هري رام، شير محمد مغيري ۽  سڪندر شورو چيو ته پ پ قيادت جي هدايت تي عوامي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته پ پ حڪومت هر شعبي لاءِ فنڊ رکيا آهن، دنيا جووڏي ۾ وڏو سنڌ پيپلز هائوسنگ  پراجيڪٽ آهي، جنهن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي گهر ڏنا ويندا، هنن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ عذاب آهي، وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام تي رحم ڪري، بجلي جا مسئلا حل ڪري، هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته برساتن لاءِ اڳواٽ بندوبست ڪيو وڃي، ايل بي او ڊي ۽ آربي اوڊي جا ٽيوب ويل سولر تي هلايا وڃن، سمنڊ کي روڪڻ لاءِ بند ٻڌو وڃي،  هنن چيو ته  تعليم جي شعبي ۾ سرڪار کي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آبادگارن کان ڪڻڪ في مڻ صرف 2800 ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، اها صورتحال رهي ته آبادگار ڪڻڪ پوکڻ ئي ڇڏي ڏيندا، هنن چيو ته سندن علائقن ۾ وڌيڪ روڊ، اسپتالون، اسڪول  ۽ ٻيون سهولتون وڌيڪ ڏنيون وڃن جئين عوام جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي.

متحده جي جمال صديقي، شوڪت رانا، فوزيه حميد، فرحان انصاري، شارق جمال، فهيم احمد، ۽ ٻين چيو ته سنڌسرڪار ڪراچي  لاءِ نوان منصوبا نه رکيا آهن، پراڻو مسئلو پاڻي جواهو به حل ڪرڻ لاءِ تيار نه  آهي، نه وري سرڪار ٻهراڙين ۾ پاڻي چوري روڪي ٿي ۽ نه وري ٽيل تائين پاڻي پهچائي ٿي، سيڊ ڪارپوريشن ۽ زرعي يونيورسٽي ڪو نئون ٻج نه  آڻي سگهييون آهن، ڪهڙي شعبي ۾ سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي آهي، هنن چيو ته شهر هجن يا ڪچو هجي امن امان جي صورتحال خراب آهي، زرعي ٽيڪس سرڪار وصول نه ٿي  ڪري سگهي، شهري وفاق کي ٽيڪس ڏين ٿا،  ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي، هنن چيو ته مهاجر آبادي وارن علائقن کي تعليم صحت سميت هر شعبي ۾ نظر انداز ڪيو وڃي ٿو،ڪراچي جي سبزي منڊي تي افغانين جا قبضا آهن، سنڌ کي ڪابل ۽ قنڌار کان خطرو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪراچي واسين کي پاڻي ۽ قبرستانن لاءِ زمين ڏني وڃي.

سني اتحاد ڪائونسل جي محمد علي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ ميگا پراجيڪٽ  نه رکيا آهن، اسان جومطالبو آهي ته ڪراچي لاءِ 500 ارب رپين جا منصوبا شامل ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪراچي جا مسئلا اجاڳر ڪرڻ دوران مخالف ڌر جي متحده ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ۾ جملن جي ڏي وٺ ۽ گوڙ ٿيندو رهيو.

بجيٽ تي بحث کان اڳ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي اسپيڪر جي اجازت سان شهيد بينظيرڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ قرارداد پيش ڪئي جيڪامنظور  ڪئي وئي، ان بعد اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف اسيمبلي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو،  شهيد راڻي جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري، عذرا پيچوهو، وڏي  وزير سيد مراد علي شاهه، سميت پوري ڪابينا ۽ پي پي ايم پي ايز، اسپيڪر اويس قادر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد راڻي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.