شهيد مائي بختاور ۽ هاري تحريڪ

تحرير: تاج مري

22 جون مائي بختاور جو ڏهاڙو آهي. مائي بختاور جو ڏهاڙو حقيقت ۾ هارين جي جدوجهد جو ڏهاڙو آهي، مائي مختاور ڪير هئي؟ سندس ڪردار ڪهڙو هو ؟ انهي کي ڏسڻ کان اڳ سنڌ جي هاري تحريڪ تي نظر وجهڻي پوندي. مائي بختاور کي ياد ڪرڻ وقت ضروري آهي ته سندس تحريڪ ”جو ذڪر ڪجي،

سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي تاريخ ڏسجي ته اها 300 سال کان به وڌيڪ پراڻي آهي پر خاص طور سنڌ ۾ هاري جو جڏهن به ذڪر ٿئي ٿو ته 1930 کان انهيءَ جو ذڪر ٿئي ٿو جڏهن ميرپورخاص ۾ هاري ڪانفرنس هارين جي منظم تحريڪ جو پايو وڌو ويو . سنڌ جي هاري تحريڪ جو جڏهن ذڪر ٿيندو ته ان وقت جي ايم سيد ۽ جمشيد مهتا جهڙن ڪردارن کي وساري نٿو سگهجي .جن مٿين طبقي سان هوندي به اهو سمجهيو ته جيستائين هارين کي منظم نه ڪبو ايستائين نه ملڪ ۾ جمهوريت اچي سگهندي نه انگريز حڪمرانن کان آجپو حاصل ڪري سگهبو. جنهن ۾ ملڪ جي اڪثريتي آبادي مڙني حقن کان محروم هجي، اتي ڪئين ٿي آزادي حاصل ڪري سگهجي.

بحر حال 1930 ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ٺهي. سنڌ هاري ڪميٽي جو پهريون صدر ڪامريڊ عبدالقادر ايم خان هيو . پر 1945 ع ۾ جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سڻڀي سرڪاري نوڪري کي لت هڻي اچي هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ته سنڌ جي هاري تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿي وئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي هاري تحريڪ ۾ ڪامريڊ عبدالقادر ايم خان ڪامريڊ غلام محمد لغاري ، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ،قاضي فيض محمد ،ڪامريڊ رئيس بروهي ،مجنون مسلم ، ڪامريڊ نذير حيدري ،ڪامريڊ نذير جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ هاري تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿي وئي.

بحرحال اسين اڌ بٽئي جي تحريڪ جو ذڪر ڪنداسين جنهن کي مائي بختاور ۽ بالاچ بروهي پنهنجو ريٽو رت ڏئي ڪاميابي جي منزل تي پهچايو .بٽئي تحريڪ سنڌ جي هاري تحريڪن ۾ منفرد تحريڪ هئي. هن تحريڪ ۾ هاري ڪارڪنن فيصلو ڪيو ته اڌ بٽئي جي اصول کي هارين جي ٻڌي ۽ طاقت جي ذريعي مڃرائجي، انهيءَ فيصلي کان تحريڪ جو مرڪز هاڻوڪو ضلعو ميرپور خاص ،سانگهڙي ،عمرڪوٽ نواب شاهه هئا.

هن تحريڪ جي هڪ مکيه ڪردار رئيس بروهي ٻڌايو ته هاري ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته مختلف هنڌن تي هاري ڪانفرنسون ڪرائجن ۽ پوءِ هارين کي چئجي ته اڌ بٽئي سندن حق آهي جڏهن به ڪنهن هاري جو کرو تيار ٿئي ته اهي اچي هاري ڪارڪنن کي ٻڌائين پوءِ ائين ئي ٿيو . هارين ۾ سجاڳي آئي هاري جڏهن به لابارو ڪري ڳاهه ڳاهي راهه ٺاهيندا هئا ته وڃي هاري ڪميٽي جي ساٿين کي ٻڌائيندا هئا پوءِ هاري ڪارڪن وڏيري ڏانهن پيغام موڪليندا هئا ته اچي بٽئي ڪرايو. هاري ڪارڪن جهنڊا هٿن ۾ کڻي جاڳيا ،جاڳيا هاري جاڳيا جا نعرا هڻندا کري تي پهچندا هئا ۽ جيڪڏهن زميندار پهچندو ته واهه نه ته پاڻ ساڻ دٻو کنيو ويندا هئا هڪ دٻو هاري واري پاسي ۽ ٻيو دٻو زميندار جي پاسي لاهيندا هئا ۽ پوءِ هاري کي چوندا هئا ته تون پنهنجو حصو کڻي وڃ ۽ زميندار ڏانهن پيغام موڪليندا هئا ته اوهان پنهنجو حصو کڻي وڃو.

مائي بختاور جيڪا 1880ع ۾ ڳوٺ دودو خان سرڪاڻي لڳ روشن آباد هاڻو ڪو تعلقي ٽنڊي باگي ۾ مراد خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو تنهن 1947ع ۾ زميندار سعدالله کي للڪاريندي چيو ”جيستائين اسان جا مرد هارين جي ڪانفرنس تان واپس نه ايندا ايستائين اوهان کي کري مان ڪڻڪ کڻن نه ڏيندس“.

22 جون سومر ڏينهن سڄي سنڌ مان هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ،غلام محمد لغاري ۽ مير محمد ٽالپر اچي جهڏي ۾ گڏ ٿيا جتي هاري ڪانفرس هئي.علائقي جا هاري اچي جهڏي ۾ گڏ ٿيا زميندرا کي بل ٿيو سو چوڌري سعدالله 30 ،40 گاڏيون ڪهرائي اچي کرن تان ڪڻڪ کڻڻ شروع ڪئي جنهن تي شهيد مائي بختاور ۽ سندس مڙس ولي محمد ۽ سندس پٽن سميت کري تي زميندار کي للڪاريو ۽ پوءِ چوڌري سعدالله جي ماڻهن بندوق جا فائر ڪري مائي بختاور کي شهيد ڪري ڇڏيو

مائي بختاور جي شهادت رنگ لاٿو ۽ اڌ بٽئي تحريڪ ڪاميابي ماڻي .اڄ جيڪا اڌ بٽئي هاري کي ملي رهي آهي اها مائي بختار جي شهادت جو ثمر آهي. جيتوڻيڪ 1988ع کان پوءِ هاري تحريڪ سست رفتاري جو شڪار ٿي وئي پر گذريل ڪجهه سالن کان ٻيهر منظم ٿيڻ لڳي آهي .

هاڻي مائي سومري ،مائي جوري جمالي ،آسيت ،ڪملا ،ڪويتا ،ميناوتي جي شڪل ۾ کوڙ سارين عورت هاري ڪارڪنن ساڳئي طرح جدوجهد ڪري رهيون آهن اهي مائي بختاور جو نئون روپ آهن سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل نئين سر ٻيهر سنڌ ۾ هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو آهي .ٽيننسي ايڪٽ جي تحريڪ ۾ ترميمن جي تحريڪ هجي يا زرعي سڌارن ۽ هارين کي گهرن جو مالڪ بڻائڻ جي تحريڪ ۽ اتر سنڌ ۾ سارين جا اگهه مقرر ڪرائڻ جي تحريڪ هجي سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل اڳ ڀري رهي آهي پر اڃان هارين جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.