گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي، سنڌ ۾ ارڙي جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن. جن حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته، صحت کاتي وارن جون اهي دعوائون سچ ثابت ڪونه ٿيون آهن. جن ۾ چيو پئي ويو ته، ارڙي جو هاڻ خاتمو ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه ڪيس ظاهر ڪونه ٿيندو. ارڙي جي ظاهر ٿيڻ تي نه رڳو صحت کاتي کي حيرت ٿي هوندي. پر، سنڌ جي رهواسين لاءِ به عجيب ڳالهه آهي. ارڙي جا ڪيس مسلسل ظاهر ٿي رهيا آهن. جن ۾ روزانه واڌ ٿيندي پئي وڃي. ننڍڙا ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ وٺجندا پيا وڃن. ڪي وري فوت به ٿي ويا آهن. هي خطرناڪ ۽ موتمار بيماري آهي. جنهن تي ضابطو آڻڻ نهايت ئي ضروري آهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ارڙي ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن. جنهن ڪري ننڍڙن ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل کاتي کي اهي سبب ڳولڻ جي ضرورت آهي. عام ماڻهون کي انهن سببن جي خبر ڪونه پئجي سگھي ٿي. اهي مونجهاري جو شڪار آهن ارڙي جي جڙ ڳولڻ کان پوءِ وڃي ان بيماري تي ضابطو آڻي سگھبو ۽ ان جو خاتمو ڪري سگھبو. ٻئي حالت ۾، ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل آهي. ارڙي پيدا ٿيڻ جي سببن ڳولڻ لاءِ ماهر ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جون خدمتون حاصل ڪرڻ گھرجن. صحت کاتي کي هوشيار ٿيڻو پوندو ۽ ڄاڻايل مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءَ وٺڻ گھرجن ته جيئن ان مرض کي جڙ کان ختم ڪري سگھجي. هن طرف صحت کاتي کي مڪمل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڌيان نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪافي نقصان ٿيو آهي جيڪو اڃا به وڌي سگھي ٿو هن کاتي کي اکيون پٽڻ گھرجن. اهو به ضروري آهي ته، ڊاڪٽرن جون ٽيمون مقرر ڪيون وڃن اهي مختلف علائقن ۾ وڃي ارڙي کان پچاءَ لاءِ ٻارڙن کي ويڪسين ڪن. ويڪسين ڪرڻ سان ارڙي تي ضابطو آڻڻ ممڪن آهي. اهي ٽيمون سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر ۾ وڃي ٻارڙن کي ويڪسين لڳائڻ جو ڪم سرانجام ڏين ان لاءِ رهواسين کي ٽيم جي ماڻهن سان تعاون ۽ سهڪار ڪرڻ به ضروري آهي.
هن وقت اهو به ضروري آهي ته، هن بيماري کان بچڻ لاءِ احتياتي تدبيرون اختيار ڪرڻ گھرجن هونئن به هر بيماري احتياط ڪرڻ سان ختم ٿيندي آهي. ان لاءِ ننڍڙن ٻارڙن جي والدين کي احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان ڏس ۾ احتياط ڪيئن ڪيو وڃي. ان باري ۾ ڊاڪٽر ئي ٻڌائي سگھن ٿا. ويڄ ئي معلومات ڏيئي سگھن ٿا. بهتر ته ائين ٿيندو ته، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لاءِ بيداري مهم هلائڻ گھرجي جنهن سان عوام کي سڄاڳ ڪري سگھجي ٿو. عوام کي بيماري جي ڪارڻن ۽ ٻين اهم ڳالهين جي آگاهي ڏيڻ به لازمي آهي.
صحت کاتي کي اهڙي مهم هلائڻ گھرجي. جنهن لاءِ ان کاتي وٽ اختيار آهن ذريعا ۽ وسيلا به آهن. عملو به موجود آهي صحت کاتي کان سواءِ اين جي اوز کان به اهو ڪم وٺڻ گھرجي اين جي اوز به ان سلسلي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون ۽ مدد فراهم ڪري سگھن ٿيون اين جي اوز کي عوام سان رابطا مهم هلائڻ جو تجربو حاصل آهي. مطلب ته ارڙي کان بچاءَ لاءِ آگاهي مهم هلائڻ به وقت جي اهم ضرورت ۽ تقاضا آهي. جنهن لاءِ حڪومت کي خاص ڌيان ڏيئي هن مهم کي تيز ڪيو وڃي. جيئن عوام کي اصل حقيقتن جي خبر پئجي سگھي ۽ ارڙي بيماري جي ڄاڻ ملي سگھي. هن ڪم ۾ سستي هرگز ڪرڻ نه گھرجي.
هن وقت سنڌ جي اڪثر اسپتالن ۾ ارڙي جي ويڪسين موجود ڪونه آهي حڪومت کي گھرجي ته هر اسپتال ۾ ارڙي جا ٽڪا (ويڪسين) جي دستيابي يقيني بنائي. جيڪڏهن ڪو به ارڙي جو ڪيس ظاهر ٿئي ٿو ته، اها ويڪسين ٻار کي بروقت لڳائي سندس حياتي مرڻ کان بچائي سگھجي ٿي. بهرحال هن وقت ٻارن جي حوالي سان موجوده صورتحال ڪنهن به نموني سان بهتر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ان صورتحال کي ڏسندي ساڃاه وند ماڻهن کي تشويش آهي کين افسوس ٿي رهيو آهي. ڳنڀير ۽ سنگين صورتحال ڏسڻ ۾ اچي پئي.