دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين:وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف بارودي سرنگ ڌماڪي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.
وزير اعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ پنج فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان تعذيت جو اظهار به ڪيو.
وزير اعظم دهشتگردي جي ڪارروائي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين، سڄي قوم کي شهيدن تي فخر آهي.
pakistan primeminister shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.