چيني پرڏيهي وزير ليوجان چائو جي وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ واري وزير ليوجيان چائو اسلام آباد ملاقات ڪئي.
پرڏيهي وزير جو دورو چين جي وزيراعظم جي تازي دوري کانپوءِ اڳڀرائي جو حصو آهي.

چين جي وزير ۽ وفد کي وزير اعظم شهباز شريف آجيان ڪندي سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي ميڪنزم اجلاس جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.
وزير اعظم شهباز شريف چيو ته اها وڏي اطمينان جي ڳالهه آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تي مڪمل سياسي معاهدو موجود آهي.
هن جو چوڻ هو ته اسان چين ۽ پاڪستان اقتصادي راهداري جي نئين مرحلي کي شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جنهن ۾ ڪاروبار کان ڪاروبار ۽ صنعتي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو.
ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي تاريخي ۽ منفرد اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين دوستي وقت جي امتحان ۾ پوري ٿي آهي.
Pak-China CPEC ShahbazSharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.