”سگنل ناهن ته ٽاور ڪهڙي ڪم جو“: چور سڄو ٽاور چوري ڪري ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين ديري ۾ چور ٽاور جي ڪا تار يا ٻيو سامان نه پر سمورو ٽاور مک گيٽ سميت چوري ڪري کڻي ويا.

چورن موبائيل ٽاور کي مٿان کان هيٺ تائين ڪٽي پاڙان پٽي ڇڏيو هو ۽ لوهه جو مک گيٽ ۽ ٻيون شيون پاڻ سان کڻي ويا.

ذريعن موجب نجي موبائيل فون ڪمپني جي ٽاور جي نگراني لاءِ 2 سيڪيورٽي گارڊ به مقرر هئا ۽ هاڻي نئين ديري ٿاڻي تي موبائيل ڪمپني جي جنرل مئنيجر ساجد اقبال جي شڪايت تي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽيليڪام ڪمپنين جي سگنلز جون شڪايتون زور وٺي ويون هيون ۽ برساتن کانپوءِ به سگنلز جي صورتحال خراب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.